English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهرو فيروز ۾ ڳوٺ محمد صفر ابڙو واسين جو ماھي ڀاڻ پوليس خلاف احتجاج، نوجوان کي کنڀي گم ڪرڻ جو الزام
15 views
|
02nd Sep 2024
•
سنڌي خبرون
نوشهرو فيروز ۾ ڳوٺ محمد صفر ابڙو واسين جو ماھي ڀاڻ پوليس خلاف احتجاج، نوجوان کي کنڀي گم ڪرڻ جو الزام
نوشهرو فيروز (ڊر) ڳوٺ محمد صفر ابڙو جي رھواسين ماھي ڀاڻ پوليس اھلڪارن جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو. ڳوٺاڻن پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ پوليس تي ھڪ ڄڻي آصف ابڙو کي کنڀي غائب ڪرڻ جو الزام ھنيو. ان موقعي تي سليمان، محمد اصغر، حاجي حاڪم، امين ابڙو ۽ ٻين چيو ته ماھي ڀاڻ پوليس نوجوان آصف کي کنڀي وئي آھي ۽ پنج ڏينھن گذرڻ باوجود پوليس نوجوان کي ظاھر نه ٿي ڪري. ھنن چيو ته نوجوان کي کنڀڻ ۾ اھلڪار حضور بخش گوپانگ ۽ شھمير مھيسر ملوث آھن ۽ اھلڪارن علائقي جي بااثرن رمضان ابڙو، خير محمد، مظھر، عبدالرحمان کان پيسا وٺي غائب ڪرايو آھي. ڇاڪاڻ ته بااثرن سان زمين جي مسئلي تي تڪرار ھلندڙ آھي. ھنن چيو ته ڊي ايس پي ڪمال ديرو سان مليا آھيون ان به اسان کي ٻڌايو آھي ته نوجوان آصف کي اھلڪارن کنڀي غائب ڪيو آھي. ھنن چيو ته نوجوان جي زندگي خطري ۾ آھي. ھنن چيو ته نوجوان کي ظاھر ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Nov 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي، سيد غفور شاھ تقوي، راشد لکمير، مجيب سنڌي ۽ ٻين شاعري پيش ڪئي
30th Nov 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ايم ايس ايف ضلعي عمرڪوٽ آرگنائيزر باڊي جي گڏجاڻي، حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ورڪر ڪنوينشن ۾ ڀرپور نموني شرڪت جو فيصلو ڪيو ويو
30th Nov 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
افغانستان کان پکڙيل دهشتگردي ۽ سرحد پار سازشون.؟؟
30th Nov 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ورلڊ ايڊز ڊي — آگاهي، تحفظ ۽ اميد جو عالمي ڏينهن
30th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
حيدرآباد: قاسم آباد ۾ ناري جو گهر مان لاش ملڻ واري واقعي جو ڪيس داخل
30th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو ڀرسان حادثي ۾ عورت معصوم ڌيءَ سميت چيڀاٽجي فوت، وارثن ۾ ڪهرام متل
30th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ عورت مڙس سميت پريس ڪلب پهتي، ڀاءُ کان لاتعلقي جو اظهار
30th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ ڇٽل راڄپر واسي پيرسن جو احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهرو فيروز
ڳوٺ محمد سفر ابڙو
پوليس اھلڪارن
0 تبصرے