English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
بدامني، لاقانونيت، ڀُنگ لاءِ اغوا وارن واقعن کان سنڌ جو عوام تنگ اچي چڪو آهي: محمد حسين محنتي
views
|
02nd Jul 2024
•
سنڌي خبرون
بدامني، لاقانونيت، ڀُنگ لاءِ اغوا وارن واقعن کان سنڌ جو عوام تنگ اچي چڪو آهي: محمد حسين محنتي
ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمدحسين محنتي ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل اظهر وقاص سان سندن آفيس ۾ ملاقات ڪئي ۽ کيس ڪراچي کان ڪشمور تائين امن امان جي بدتر صورتحال تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته بدامني، لاقانونيت، ڀُنگ لاءِ اغوا وارن واقعن کان سنڌ جو عوام تنگ اچي چڪو آهي، قبيلائي جهيڙا ناسور بڻجي چڪا آهن جن جي ڪري بدامني ۾ اضافو ۽ عام ماڻهن جي زندگي عذاب بڻجي چڪي آهي، ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن جون پناهه گاهون موجود آهن جتي سڄي ملڪ مان واپارين، هندو برادري جي ماڻهن سميت عورتن توڙي ٻارن کي اغوا ڪري وڊيوز وائرل ڪري سندن وارثن کان ڪروڙين رپيا ڀنگ جي رقم طلب ڪئي وڃي ٿي، ظالم سردار، پوليس ۽ مقامي انتظاميه ڌاڙيلن جي سهولتڪار بڻيل آهي، جڏهن ته شهرن خاص طور تي ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جو جن بي قابو ٿي چڪو آهي، رڳو ڪجهه مهينن دوران 80 کان وڌيڪ ماڻهو ڦُر دوران مزاحمت تي قتل ٿي چڪا آهن ٻين شهرن جو داستان الڳ آهي. معصوم نياڻيءَ پريا ڪماري، فضيلا سرڪي کي اغوا، صحافي جان محمد مهر ۽ نصرالله گڏاڻي کي قتل ڪري سنڌ جي ڌرتيءَ کي صحافين لاءِ مقتل گاهه بڻيايو ويو آهي، نياڻين کي بازياب ۽ صحافين جي قاتلن کي اڃان تائين گرفتار ناهي ڪيو ويو، ان ڪري ڏوهارين ۽ سندن سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪرڻ وارن سڀني بااثر ماڻهن خلاف بنا ڪنهن مت ڀيد جي نتيجو ڏيندڙ بي رحم ۽ ڀرپور آپريشن ڪري سنڌ ۾ امن امان بحال ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهو سُک جو ساهه کڻي سگهن. ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص صوبائي امير کي يقين ڏياريو ته رينجرز پوليس سان گڏجي ڪري سنڌ ۾ امن قائم ۽ شهرين جي جان توڙي مال جي حفاظت ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ آئنده به ڪندي رهندي. ڪچي ۾ پوليس جا 34 ٿاڻا ويران هئا جن کي ٻيهر بحال ڪري پوليس فورس مقرر ۽ ڪيترن ئي معصوم جانين کي بچايو آهي.#
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Nov 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ ۾ معصوم ٻارڙن تي وڌندڙ جنسي تشدد سماج ۽ نظام لاءِ سنگين پيغام..!!
11th Nov 2025
•
تازہ ترین
جماعت اسلامی کا اعلان — حکومت آئین کے ساتھ کھلواڑ کر رہی ہے
11th Nov 2025
•
تازہ ترین
صدرِ مملکت آصف علی زرداری سے وزیراعظم محمد شہباز شریف کی ایوانِ صدر میں ملاقات
11th Nov 2025
•
صحت
موسمی ڈپریشن: سردیوں کے بدلتے دن کیسے آپ کے موڈ کو متاثر کرتے ہیں؟
11th Nov 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ ۾ معصوم ٻارڙن تي وڌندڙ جنسي تشدد سماج ۽ نظام لاءِ سنگين پيغام..!!
11th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ 27هين آئيني ترميم خلاف سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي احتجاجي ريلي
11th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد ۾ ناجائز قبضن خلاف ملير انتظاميا جو آپريشن
11th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ وھرو شريف ويندڙ روڊ جي خراب حالت خلاف ڳوٺاڻن ۽ رڪشا ڊرائيورن جو ڌرڻو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي
جماعت اسلامي سنڌ
محمدحسين محنتي
ڊي جي رينجرز سنڌ
ميجر جنرل اظهر وقاص
0 تبصرے