English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
بدامني، لاقانونيت، ڀُنگ لاءِ اغوا وارن واقعن کان سنڌ جو عوام تنگ اچي چڪو آهي: محمد حسين محنتي
151 views
|
02nd Jul 2024
•
سنڌي خبرون
بدامني، لاقانونيت، ڀُنگ لاءِ اغوا وارن واقعن کان سنڌ جو عوام تنگ اچي چڪو آهي: محمد حسين محنتي
ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمدحسين محنتي ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل اظهر وقاص سان سندن آفيس ۾ ملاقات ڪئي ۽ کيس ڪراچي کان ڪشمور تائين امن امان جي بدتر صورتحال تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته بدامني، لاقانونيت، ڀُنگ لاءِ اغوا وارن واقعن کان سنڌ جو عوام تنگ اچي چڪو آهي، قبيلائي جهيڙا ناسور بڻجي چڪا آهن جن جي ڪري بدامني ۾ اضافو ۽ عام ماڻهن جي زندگي عذاب بڻجي چڪي آهي، ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن جون پناهه گاهون موجود آهن جتي سڄي ملڪ مان واپارين، هندو برادري جي ماڻهن سميت عورتن توڙي ٻارن کي اغوا ڪري وڊيوز وائرل ڪري سندن وارثن کان ڪروڙين رپيا ڀنگ جي رقم طلب ڪئي وڃي ٿي، ظالم سردار، پوليس ۽ مقامي انتظاميه ڌاڙيلن جي سهولتڪار بڻيل آهي، جڏهن ته شهرن خاص طور تي ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جو جن بي قابو ٿي چڪو آهي، رڳو ڪجهه مهينن دوران 80 کان وڌيڪ ماڻهو ڦُر دوران مزاحمت تي قتل ٿي چڪا آهن ٻين شهرن جو داستان الڳ آهي. معصوم نياڻيءَ پريا ڪماري، فضيلا سرڪي کي اغوا، صحافي جان محمد مهر ۽ نصرالله گڏاڻي کي قتل ڪري سنڌ جي ڌرتيءَ کي صحافين لاءِ مقتل گاهه بڻيايو ويو آهي، نياڻين کي بازياب ۽ صحافين جي قاتلن کي اڃان تائين گرفتار ناهي ڪيو ويو، ان ڪري ڏوهارين ۽ سندن سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪرڻ وارن سڀني بااثر ماڻهن خلاف بنا ڪنهن مت ڀيد جي نتيجو ڏيندڙ بي رحم ۽ ڀرپور آپريشن ڪري سنڌ ۾ امن امان بحال ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهو سُک جو ساهه کڻي سگهن. ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص صوبائي امير کي يقين ڏياريو ته رينجرز پوليس سان گڏجي ڪري سنڌ ۾ امن قائم ۽ شهرين جي جان توڙي مال جي حفاظت ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ آئنده به ڪندي رهندي. ڪچي ۾ پوليس جا 34 ٿاڻا ويران هئا جن کي ٻيهر بحال ڪري پوليس فورس مقرر ۽ ڪيترن ئي معصوم جانين کي بچايو آهي.#
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي
جماعت اسلامي سنڌ
محمدحسين محنتي
ڊي جي رينجرز سنڌ
ميجر جنرل اظهر وقاص
0 تبصرے