English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٽنڊو آدم ۾ فيڪٽري مالڪن پاران احتجاجن ڪاٽن فيڪٽريون بند، ڦٽين جي خريداري روڪي وئي. آبادگار پريشان
47 views
|
27th Jun 2024
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو آدم ۾ فيڪٽري مالڪن پاران احتجاجن ڪاٽن فيڪٽريون بند، ڦٽين جي خريداري روڪي وئي. آبادگار پريشان
ٽنڊوآدم (حسنين علي ساند) ٽنڊوآدم ۾ فيڪٽري مالڪن پاران احتجاجن ڪاٽن فيڪٽريون بند. ڦٽين جي خريداري پڻ روڪي وئي. آبادگار پريشان. آبادگارن پاران محبوب مري جي اڳواڻيءَ ۾ ميرپورخاص روڊ تي روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي آبادگارن محبوب مري، احسان سيال، مختيار مري، رفيق مري، علي نواز مري ۽ ٻين چيو ته گذريل چئن ڏينھن کان ڪاٽن فيڪٽريون بند ڪيون ويون، ڦٽين جي خريداري به نه پئي ڪئي وڃي. ھنن چيو ته ھر ڀيري جڏھن فصل تيار ھوندو آھي ته اسان آبادگارن کي نقصان ڏنو ويندو آھي. ھنن چيو تہ وفاقي حڪومت پاران ڪاٽن اينڊ جيننگ انڊسٽري تي ٽيڪس لاڳو ڪيو آھي جنھن کي فيڪٽري مالڪ تسليم نٿا ڪن ۽ ھنن آبادگارن کان ڦٽيون خريد ڪرڻ بند ڪري ڇڏيون آھن. ھنن چيو ته جڏھن وفاقي حڪومت پاران ڪپھ تي ٽيڪس لاڳو ٿيندو ته آبادگارن کي ھڪ مڻ ڦٽين تي پنج سئو روپيا نقصان ٿيندو ايئن سنڌ جي لکين ايڪڙن تي تيار فصل لھڻ بعد آبادگارن کي اربين روپيا نقصان پھچندو. ھنن چيو تہ ڪاٽن فيڪٽريون بند ٿيڻ سبب لکين پورهيت پڻ بيروزگار ٿي ويا آھن. ھنن مطالبو ڪيو آھي ته وفاقي حڪومت پاران ڪپھ تي لڳايل ٽيڪس فوري طور تي ختم ڪري ڪاٽن فيڪٽريون ھلايون وڃن ته جيئن ھزارين آبادگار اربين روپين جي نقصان ٿيڻ کان بچي سگھن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪنداسين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
مرحوم استاد عمردراز مهر، سنڌ ڌرتيءَ سان نينهن نڀائيندڙ علمي ڪردار
12th Jan 2026
•
سندھ
کراچی میں اجتماعی شادی کی تقریب، 75 ہندو جوڑے شادی کے بندھن میں بندھ گئے
12th Jan 2026
•
تازہ ترین
ٹرمپ کا انجام بھی فرعون، نمرود اور رضا شاہ جیسا ہوگا: ایرانی سپریم لیڈر
12th Jan 2026
•
تازہ ترین
صدر کی منظوری کے بغیر آرڈیننس جاری ہونے پر پیپلز پارٹی کا ایوان سے واک آؤٹ، بلاول نے اہم اجلاس طلب کر لیا
12th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو تحفظ لاءِ احتجاج
12th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
گهارو ويجهو حادثي ۾ هڪ ڄنو فوت، ٻيو زخمي
12th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه آسمان تي پهتل
12th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: ھاليجي ڍنڍ جي ڳوٺ حاجي ميربحر ۾ پورهيت جي گهر کي باهه، الهه تلهه سڙي رک
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٽنڊو آدم
0 تبصرے