English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
رتوديرو: ويسر ڌرين ۾ جهيڙي دوران زخمي ٿيل نوجوان دم ڏئي ڇڏيو، مارجي ويلن جو انگ وڌي 2 ٿي ويو
51 views
|
02nd Jun 2024
•
سنڌي خبرون
رتوديرو: ويسر ڌرين ۾ جهيڙي دوران زخمي ٿيل نوجوان دم ڏئي ڇڏيو، مارجي ويلن جو انگ وڌي 2 ٿي ويو
رتوديرو ۾ ويسر برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي ۾ زخمي ٿيل ھڪ نوجوان فوت ٿي ويو، جهيڙي ۾ مارجي ويلن جو انگ 2 ٿي ويو، رتوديرو ڀرسان لاشاري ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ چنگل ۾ 11 ڌينهن اڳ ويسر برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻي تڪرار تان ٿيل جهيڙي ۾ فائرنگ دوران گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيل 25 ورهين جو نوجوان مجاهد پٽ عبدالعزيز ويسر علاج دوران لاڙڪاڻو جي اسپتال ۾ زخمن جي سٽ نہ سهندي فوت ٿي ويو، نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم لاء تعلقہ اسپتال رتوديرو آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ان حوالي سان فوتي جي امڙ زوليخان خاتون چيو تہ معمولي ڳالھ تان شبير، پرويز، صدام ويسر ۽ انهن جي ٻين ساٿين اسان جي گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي جنهن ۾ گوليون لڳڻ سبب منهنجا ٻہ پٽ مجاهد ۽ نصر الله زخمي ٿي پيا هئا، جنهن ۾ مجاهد کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ علاج لاءِ لاڙڪاڻو جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو هيوسين، جتي هو اڄ فوت ٿي ويو، هن چيو تہ اسان جي مخالفن اسان جي گهرن تي بہ قبضو ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسان جي گهر جو سڄو سامان بہ پوليس کڻي وئي آھي، هن ڊي آءِ جي ٖ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪندي چيو تہ واقعي جي جاچ ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ياد رهي تہ 11 ڏينھن اڳ ويسر برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ٿيل جهيڙي سبب هڪ ڌر جو 70 ورهين جو پيرسن بخشل ويسر قتل ٿي ويو هيو جڏهن ته 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
غربت ۽ بيروزگاري، جنھن سان زندگي زھر بڻجي ٿِي!
22nd Dec 2025
•
دنیا
مکہ مکرمہ میں منشیات اسمگلنگ، دو پاکستانی شہریوں کو سزائے موت دے دی گئی
22nd Dec 2025
•
پاکستان
پی آئی اے کی نجکاری کا اہم مرحلہ، 75 فیصد شیئرز کی بولی کل ہوگی
22nd Dec 2025
•
تازہ ترین
بنگلادیش میں جماعتِ اسلامی کی کامیابی کے لیے دعا گو ہیں: خواجہ سعد رفیق
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
اسٽيل ملز سيڪيورٽي عملدارن هٿان مارجي ويل نوجوان ٻئي عملدارن خلاف داخل ڪيس جي ڪاپي
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ ايس ايڇ او افتخار باجوا جي معطلي بعد محمد حسين جٽ ايس ايڇ او مقرر
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو، مڪلي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڊمپر ۽ ٽرڪ حادثن ۾ اضافو
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ابراهيم حيدري ٽائون آفيس ڀرسان رزاق آباد جو غريب آباد پارڙو مسئلن جي ور چڙهيل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
رتوديرو
ويسر برادري
0 تبصرے