اعليٰ تعليمي معيار ۾ اڳڀرائي: آغا خان يونيورسٽي پاران هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي سهڪار سان ٻئين تاريخي تقريب جي ميزباني

اعليٰ تعليمي معيار ۾ اڳڀرائي: آغا خان يونيورسٽي پاران هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي سهڪار سان ٻئين تاريخي تقريب جي ميزباني

اعليٰ تعليمي معيار ۾ اڳڀرائي: آغا خان يونيورسٽي پاران هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي سهڪار سان ٻئين تاريخي تقريب جي ميزباني

ڪراچي: 2021 ۾ ڪاميابي سان افتتاح کانپوءِ پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن (HEC) جي ڪوالٽي ايشورنس ايجنسي جي تعاون سان آغا خان يونيورسٽي جي نيٽ ورڪ آف ڪوالٽي، ٽيچنگ ۽ لرننگ پاران ٽن ڏينهن وارو ورڪشاپ ڪوٺايو ويو. آغا خان يونيورسٽي ڪيمپس ڪراچي ۾ 6 کان 8 مئي تائين ايڇ اي سي جي ڊائريڪٽر جنرل ڪوالٽي ايشورنس ايجنسي سميت سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽين جا معزز اڳواڻ، اسڪالرز ۽ اسٽيڪ هولڊرز گڏ ٿيا. پاڪستان ۾ اعليٰ تعليمي نظام ۾ تعليمي معيار کي وڌائڻ لاءِ اهم بحث مباحثا ٿيا. اي ڪي يو صدر ڊاڪٽر سليمان شهاب الدين، وائيس پرووسٽ، ڪوالٽي اينڊ لرننگ پروفيسر تاشمين خامس، ۽ ڊائريڪٽر ڪوالٽي اينهانسمينٽ سيل مسٽر فيصل نوٽا شاگردن کي ڪاميابيءَ لاءِ بهتر نموني تيار ڪرڻ لاءِ تعليمي ڍانچي جي ٻيهر تعمير جي اهميت بابت ڳالهايو. اي ڪي يو صدر ڊاڪٽر سليمان شهاب الدين اعليٰ تعليم جي اهم مسئلي ۽ معيار کي اڳتي وڌائڻ بابت ڪم ڪرڻ تي کين مبارڪون ڏنيون. ان بابت ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته اي ڪي يو ۾ معيار ڪيتري اهميت رکي ٿو. هن چيو ته باني ۽ چانسلر هز هائنيس دي آغا خان هميشه معيار تي گهڻو زور ڏنو آهي ۽ مون کي اهو چوندي فخر آهي ته اسان اڪيڊمڪ ۽ اسپتال ٻنهي ۾ معيار حاصل ڪيا آهن، جن ۾ تدريس ۽ تحقيق لاءِ 2 يونيسڪو جا زائري ايوارڊ شامل آهن. ڪوالٽي اينهانسمينٽس جي ڊائريڪٽرز سان گڏ پاڪستان اسٽينڊرڊز اينڊ گائيڊ لائنز (PSG-2023) جي ٽن ڏينهن واري مشاورتي ورڪشاپ جو مقصد اداري ۾ پروگرام جي سطح تي معيار کي هٿي ڏيڻ ۽ آغا خان يونيورسٽي جيان مطالعي ۾ ڪيس اسٽڊي ذريعي بهتري ڏيکارڻ هو. پروفيسر تاشمين خامس يونيورسٽين ۾ ٽيچنگ اينڊ لرننگ سپورٽ يونٽس قائم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو ته جيئن فيڪلٽي ڊولپمينٽ کي هٿي وٺرائجي ۽ شاگردن کي سکيا جو مضبوط تجربو مهيا ڪيو وڃي. مسٽر ناصر شاهه چيو ته مان نيٽ ورڪ آف ڪوالٽي، ٽيچنگ اينڊ لرننگ (QTL_net) جي معيار کي يقيني بڻائڻ جي ثابت قدمي جي ساراهه ڪريان ٿو. هائر ايجوڪيشن ڪميشن (HEC) ۽ QTL_net جو هڪ ڊگهو تعلق آهي ۽ اسان ان ڪم جو اثر ڏسون ٿا جيڪو اسان جي ويجهي اتحادي AKU جي تعليمي خوبي کي برقرار رکڻ ۽ مسلسل بهتر ڪرڻ لاءِ ڪيو آهي. ان ڪري، اسان پاڪستان جي نوجوانن لاءِ معياري تعليم فراهم ڪندڙ AKU تي اعتماد ڪريون ٿا. جيئن پاڪستان تعليمي بهتري لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، تيئن آغا خان يونيورسٽي ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن استادن جي مدد لاءِ پرعزم آهن ۽ ادارا شاگردن کي اعليٰ معيار جا سکيا تجربا مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهن.