English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
هالا ٿاڻي تي پي ٽي آءِ سنڌ جي سينئر نائب صدر ۽ سندس والد سميت 16 ڄڻن خلاف ڦر جو ڪيس داخل، 4 ڄڻا گرفتار
197 views
|
22nd Apr 2024
•
سنڌي خبرون
هالا ٿاڻي تي پي ٽي آءِ سنڌ جي سينئر نائب صدر ۽ سندس والد سميت 16 ڄڻن خلاف ڦر جو ڪيس داخل، 4 ڄڻا گرفتار
ھالا(رپورٽر) پي ٽي آء سنڌ جي سينئر نائب صدر مخدوم محسن، ۽ سندس والد پي ٽي آء اڳواڻ مخدوم فضل سميت 16 ڄڻن تي ڦر جو ھالا ٿاڻي ٿي ڪيس داخل، چاچي ۽ ڀائٽيي ۾ زمين جي معاملي تان پئدا ٿيل تڪرار تيز ٿي ويو،جڏھن تہ رات دير سان ھڪٻئي مٿان فائرنگ بہ ڪئي وئي ھالا ميونسپل ڪاميٽي جي اڳوڻي چيئرمين مخدوم عمار حيدر پنھنجي چاچي مخدوم فضل ۽ سئوٽ مخدوم محسن سميت 10 سڃاتل ۽ 6 نامعلوم جوابدارن مٿان ھالا ٿاڻي تي ڦر جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، ھالا پوليس مخدوم فضل جي مئنيجر سميت چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، مخدوم عمار ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو آھي تہ ھالا ڀرسان منھنجي زرعي زمين آھي مخدوم فضل حسين ۽ مخدوم محسن، گل شير ساريو، امان اللّہ ڏاھري، امير بخش ڪنڊاڻي، محمد بخش جسڪاڻي، ساجد شاھ، جاني ساريو، جنيد ساريو، محمد بخش، ۽ 6 نامعلوم جوابدارن ھٿيارن جي زور تي ٽريڪٽر ۽ ٿريشر ڪاھي منھنجي زرعي زمين مان ڪڻڪ جو ان ڪڍرائي رھيا ھئا، اھڙو اطلاع مليو، اسان وڃي ڏٺو تہ مخدوم فضل حسين ۽ ٻيا ھٿيارن سان بيٺل ھئا جن کي مون چيو تہ ھي زمين منھنجي حصي جي آھي جن مون مٿان افراتفري ڦلائڻ لاء فائرنگ شروع ڪري ڏني، ۽ 25 مڻ ڪڻڪ ڦر ڪئي ۽ موت مار ڌمڪيون ڏنيون، اھڙو اطلاع اسان ھالا ٿاڻي تي ڏنو جيڪا پوليس اتي بروقت پھچي وئي، رات دير سان ٻنھي ڌرين ھڪٻئي مٿان فائرنگ ڪئي وئي ھئي جنھن بعد پوليس اٽالن پھچي فائرنگ بند ڪرائي ۽ مخدوم فضل حسين جي ڌر جي 4 ڄڻن گل شير ساريو، امان اللّہ ڏاھري، امير بخش ڪنڊاڻي، محمد بخش جسڪاڻي کي حراست ۾ ورتو ھو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ھالا
پي ٽي آء
PTI
0 تبصرے