مورو پوليس پاران ھڪ ڏوھاري کي زخمي حالت گرفتار ۾ ڪرڻ جي دعويٰ

مورو پوليس پاران ھڪ ڏوھاري کي زخمي حالت گرفتار ۾ ڪرڻ جي دعويٰ

مورو پوليس پاران ھڪ ڏوھاري کي زخمي حالت گرفتار ۾ ڪرڻ جي دعويٰ

مورو (رپورٽر) مورو پوليس جو مبينا ڏوھارين سان مقابلو ٿي پيو مقابلي دوران ھڪ ڏوھاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو ٽي ڄڻا فرار پسٽل پڻ برآمد، مورو پوليس جي مبينا پوليس مقابلي ۾ ھڪ ڏوھاري محمد علي واسواڻو ويٺل اسٽيشن روڊ مورو اصل ويٺل پڊعيدن کي مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي زخمي ڏوھاري کي مورو اسپتال آندو ويو ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او مورو علي اڪبر کوکر صحافين کي ٻڌايو ته گشت دوران نيشنل هاء وي ريلوي لائين وٽ ڦر جي ارادي سان چار ڦورو بيٺا هئا جن پوليس کي ڏسندي ئي پوليس مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني پوليس پوزيشن سنڀالي ڏوھارين مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو محمد علي واسواڻو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي گرفتار ڏوھاري پوليس کي مختلف ڪيسن ۾ گھربل ھو ۽ سندس خلاف مورو سميت ضلعي نوشھرو فيروز جي مختلف ٿاڻن تي ڪافي ڪيس داخل ٿيل آهن وڌيڪ ڪيسن جي جانچ ڪئي پئي وڃي،