English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ميرپور بٺورو پوليس پاران اشتھاري ڏوھاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
173 views
|
21st Apr 2024
•
سنڌي خبرون
ميرپور بٺورو پوليس پاران اشتھاري ڏوھاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
سجاول (گلشيرميربحر) ضلعي سجاول جي پوليس جون ڏوھارين خلاف ڪاروايون جاري، گذريل رات دير سان ميرپور بٺورو پوليس جو ڏوھ جي ارادي سان روڊ تي بيٺل ڏوھارين سان مقابلو، ھڪ اشتھاري ڏوھاري زخمي حالت ۾ گرفتار، ٻہ ڏوھاري فرار، اسلحو برآمد.سجاول پوليس جي ترجمان غلام قادر گوپانگ مطابق ايس ايس پي سجاول ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو جي سخت ھدايتن تي سجاول پوليس جون ڏوھارين خلاف ڪاروايون جاري آھن، ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او ميرپور بٺورو مير محمد گاڏھي کي گذريل رات اطلاع مليو تہ ٽي ڏوھاري ميرپور بٺورو لڳ جاڙا واھ ۽ ستاھ واھ بخاري درگاھ جي ويجھو لنڪ روڊ تي رڪاوٽون رکي ڏوھ جي ارادي سان بيٺل آھن جنھن تي ايس ايڇ او ميرپور بٺورو انچارج جاتي چوڪ ۽ پوليس پارٽي سان گڏ مليل اطلاع واري جاء تي پھتو تہ ڏوھارين پوليس کي ڏسي فائرنگ شروع ڪري ڇڏي جنھن تي پوليس بہ جوابي فائرنگ ڪئي ۽ ٻنھي طرفن فائرنگ جو سلسلو ھلندو رھيو ان نتيجي ۾ ھڪ ڏوھاري کي زخمي حالت ۾ پوليس گرفتار ڪري ورتو جڏھن تہ ٻيا ٻہ ڏوھاري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پوليس موجب جانچ بعد گرفتار ٿيل ڏوھاري جي سڃاڻپ سجاول ضلعي جي اشتھاري ڏوھاري محمد صديق گھجڙيو ملاح طور ٿي جيڪو چورين، ڌارن ۽ ڦرون ۾ ملوث آھي ۽ ھن خلاف ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي ڪيترائي ڪيس داخل آھن. پوليس ترجمان موجب مقابلي واري جاءِ تان ھڪ ٽي ٽي 30 بور پسٽل، ھڪ ڦر ڪيل موٽر سائيڪل، 12 عدد ڪلاشنڪوف جا خالي خول ۽ 6 عدد پسٽل جا خالي خول برآمد ٿيا آھن. زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ڏوھاري کي ميڊيڪل چيڪ اپ لاء ميرپور بٺورو اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي. جڏھن تہ سندس خلاف وڌيڪ جاري آھي، جڏھن تہ گرفتار ۽ فرار ٿيل ٻين ڏوھارين خلاف ٻہ جداد جدا ڪيس داخل ڪيا ويا آھن. ٻئي طرف ايس ايس پي سجاول ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو ايس ايڇ او ميرپور بٺورو مير محمد گاڏھي ۽ ان جي ٽيم کي ڏوھ جي ڪوشش ناڪام بنائڻ ۽ اشتھاري ڏوھاري کي گرفتار ڪرڻ تي شاباسي ڏني ۽ تعريفي سند CCIII سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سجاول
0 تبصرے