اسلام آباد جي نمل يونيورسٽي ۾ ٽن ڏينهن وارو ڪتابي ميلو سڀاڻي شروع ٿيندو

اسلام آباد جي نمل يونيورسٽي ۾ ٽن ڏينهن وارو ڪتابي ميلو سڀاڻي شروع ٿيندو

اسلام آباد جي نمل يونيورسٽي ۾ ٽن ڏينهن وارو ڪتابي ميلو سڀاڻي شروع ٿيندو

نوشهروفيروز (ڊ ر) ادب سماج انسانيت پبليڪيشن پاڪستان پاران سڀاڻي 24 اپريل تي نمل يونيورسٽي اسلام آباد ۾ ٽن ڏينهن وارو ڪتابي ميلو جاري رهندو، جنهن ۾ ٻين ٻولين سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جا ڪتاب، ناول، افسانا، شاعري، اردو اسپيلنگ پڻ شامل آھن. هن ڪتابي ميلي ۾ اعجاز ممنائي جا ڪتاب، بيوس بخش علي چانڊيو جا ڪتاب، ڊاڪٽر مبارڪ علي ڊاڪٽر برڪت ملڪ جا ڪتاب،ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جا تاريخي ڪتاب، اوشو جا ڪتاب، ڊاڪٽر اسرار احمد جا ڪتاب، ڊاڪٽر سرور خاصخيلي جا ڪتاب، ۽ ٻين نامور شخصيتن جا ڪتاب. بڪ اسٽال تي موجود آهن ان موقعي تي ادب سماج انسانيت پبليڪيشن پاڪستان جي سربراهه شهزاد اُفق، انٽرنيشنل رائيٽرز فورم سنڌ جي سربراهه اعجاز ممنائی۔ نويد ملڪ۔ سيد مختيار علي شاهه ۽ ٻين سڀني علم و ادب جي دوستن کي اپيل ڪئي ته هن ڪتابي ميلي مان فائدو حاصل ڪن ڇاڪاڻ ته علم کانسواءِ هن دنیا ۾ رهڻ حرام آهي، اڳواڻن چيو ته علم نور آهي ۽ ڪتاب نعمت آهن. سو ڪتاب خريد ڪري روشني پکيڙيو. ۽ هن نعمت جو قدر ڪريو