English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
لاڙڪاڻي ۾ آل سنڌ سنگيتڪار ايسوسيئيشن جي سڏ تي فنڪارن پاران راڳ ڳائي بدامني خلاف احتجاج
159 views
|
16th Apr 2024
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي ۾ آل سنڌ سنگيتڪار ايسوسيئيشن جي سڏ تي فنڪارن پاران راڳ ڳائي بدامني خلاف احتجاج
لاڙڪاڻو: آل سنڌ سنگيتڪار ايسوسيئيشن جي سڏ تي لاڙڪاڻي شهر جي فنڪارن طرفان وڌندڙ بدامني ۽ سنڌ جي ناليواري نوجوان راڳي نادر لاشاري ۽ صوفي فنڪار مکڻ شاهه کان ڦر ڪرڻ واري واقعن خلاف راڳ ڳائي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي ناليواري راڳي نادر لاشاري پنهنجي ساٿي فنڪارن سڄڻ مائري، الطاف سمون، گلاب شاھاڻي سهڻي ناز ۽ ٻين سان راڳ ڳائي دانهيندي چيو ته گذريل رات مان شهر جي مراد واهڻ پاڙي ۾ راڳ رنگ جي محفل مان ٿي پنهنجي گهر وڃي رهيو هيس ته دڙي ٿاڻي جي حد ڦل روڊ برف ڪارخاني واري گهٽي مان 2 هٿياربند ڦورن رستو روڪي يرغمال بڻائي موٽرسائيڪل، 68 هزار روپين جي سوني منڊي، قيمتي واچ، موبائيل فون ۽ 35 هزار روپيا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا اهڙي واقعي جي اين سي دڙي ٿاڻي تي داخل ڪرائي پر پوليس هن وقت تائين ڦورن جو ڏس پتو نه لڳائي سگهي جڏهن ته گذريل رات ئي ڌامراهه ڳوٺ ڀرسان راڳ جي محفل مان موٽندڙ صوفي فنڪار مکڻ شاهه سميت 8 ڄڻن کان هٿياربندن باجا، سازندا ۽ 40 هزار روپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا. هنن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي جو اسان فنڪار به غيرمحفوط بڻيل آهيون پر پوليس ڏوهاري ڦورن خلاف ڪاروائي لاءِ تيار ناهي جنهن ڪري اسان جون حياتيون داءُ تي لڳل آهن پر پوليس فنڪارن کي تحفظ فراهم نه پئي ڪري جيڪا وڏي ناانصافي آهي هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته ڦر وارن واقعن ۾ ملوث ڦورن کي گرفتار ڪري روڪ رقم ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت پوري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
رئيس حاجي بنگل خان چانگ هڪ منفرد شخصيت..!!
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر زرداری کی صحت سے متعلق افواہیں بے بنیاد ہیں: سلیم مانڈوی والا
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی ناکہ بندی کے باوجود آبنائے ہرمز سے ایران کے 34 آئل ٹینکر گزر گئے
23rd Apr 2026
•
سندھ
جاگیردارانہ نظام نامنظور — خواتین کے قتل، تشدد اور ہراسانی کے خلاف کراچی میں احتجاج
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سانگهڙ ويجهو آئل ٽينڪر رڪشا مٿان چڙهي ويو، ماءُ ڌيءَ فوت، 3 ڄڻا زخمي
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي زندگيءَ جھنم بڻائي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: کاروڙو واري علائقي ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول شهر ۾ آمڙا ۽ لوهار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
لاڙڪاڻو
آل سنڌ سنگيتڪار
ايسوسيئيشن
فنڪارن
Singer
0 تبصرے