English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
لاڙڪاڻي ۾ آل سنڌ سنگيتڪار ايسوسيئيشن جي سڏ تي فنڪارن پاران راڳ ڳائي بدامني خلاف احتجاج
views
|
16th Apr 2024
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي ۾ آل سنڌ سنگيتڪار ايسوسيئيشن جي سڏ تي فنڪارن پاران راڳ ڳائي بدامني خلاف احتجاج
لاڙڪاڻو: آل سنڌ سنگيتڪار ايسوسيئيشن جي سڏ تي لاڙڪاڻي شهر جي فنڪارن طرفان وڌندڙ بدامني ۽ سنڌ جي ناليواري نوجوان راڳي نادر لاشاري ۽ صوفي فنڪار مکڻ شاهه کان ڦر ڪرڻ واري واقعن خلاف راڳ ڳائي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي ناليواري راڳي نادر لاشاري پنهنجي ساٿي فنڪارن سڄڻ مائري، الطاف سمون، گلاب شاھاڻي سهڻي ناز ۽ ٻين سان راڳ ڳائي دانهيندي چيو ته گذريل رات مان شهر جي مراد واهڻ پاڙي ۾ راڳ رنگ جي محفل مان ٿي پنهنجي گهر وڃي رهيو هيس ته دڙي ٿاڻي جي حد ڦل روڊ برف ڪارخاني واري گهٽي مان 2 هٿياربند ڦورن رستو روڪي يرغمال بڻائي موٽرسائيڪل، 68 هزار روپين جي سوني منڊي، قيمتي واچ، موبائيل فون ۽ 35 هزار روپيا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا اهڙي واقعي جي اين سي دڙي ٿاڻي تي داخل ڪرائي پر پوليس هن وقت تائين ڦورن جو ڏس پتو نه لڳائي سگهي جڏهن ته گذريل رات ئي ڌامراهه ڳوٺ ڀرسان راڳ جي محفل مان موٽندڙ صوفي فنڪار مکڻ شاهه سميت 8 ڄڻن کان هٿياربندن باجا، سازندا ۽ 40 هزار روپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا. هنن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي جو اسان فنڪار به غيرمحفوط بڻيل آهيون پر پوليس ڏوهاري ڦورن خلاف ڪاروائي لاءِ تيار ناهي جنهن ڪري اسان جون حياتيون داءُ تي لڳل آهن پر پوليس فنڪارن کي تحفظ فراهم نه پئي ڪري جيڪا وڏي ناانصافي آهي هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته ڦر وارن واقعن ۾ ملوث ڦورن کي گرفتار ڪري روڪ رقم ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت پوري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Nov 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ ۾ معصوم ٻارڙن تي وڌندڙ جنسي تشدد سماج ۽ نظام لاءِ سنگين پيغام..!!
11th Nov 2025
•
تازہ ترین
جماعت اسلامی کا اعلان — حکومت آئین کے ساتھ کھلواڑ کر رہی ہے
11th Nov 2025
•
تازہ ترین
صدرِ مملکت آصف علی زرداری سے وزیراعظم محمد شہباز شریف کی ایوانِ صدر میں ملاقات
11th Nov 2025
•
صحت
موسمی ڈپریشن: سردیوں کے بدلتے دن کیسے آپ کے موڈ کو متاثر کرتے ہیں؟
11th Nov 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ ۾ معصوم ٻارڙن تي وڌندڙ جنسي تشدد سماج ۽ نظام لاءِ سنگين پيغام..!!
11th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ 27هين آئيني ترميم خلاف سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي احتجاجي ريلي
11th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد ۾ ناجائز قبضن خلاف ملير انتظاميا جو آپريشن
11th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ وھرو شريف ويندڙ روڊ جي خراب حالت خلاف ڳوٺاڻن ۽ رڪشا ڊرائيورن جو ڌرڻو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
لاڙڪاڻو
آل سنڌ سنگيتڪار
ايسوسيئيشن
فنڪارن
Singer
0 تبصرے