سجاول ۾ آئي بي اي ٽيسٽ پاس پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي اميدوارن جو ڌرڻو

سجاول ۾ آئي بي اي ٽيسٽ پاس پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي اميدوارن جو ڌرڻو

سجاول ۾ آئي بي اي ٽيسٽ پاس پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي اميدوارن جو ڌرڻو

سجاول (گلشيرميربحر)سجاول ۾ آئي بي اي ٽيسٽ پاس پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي اميدوارن جو آفر آرڊر نه ملڻ خلاف سجاول بئراج موري وٽ نيشنل ھاء وي ڪراچي سجاول روڊ تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ڌرڻي سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون , 2023 ۾ آئي بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ نوڪري جي انتظار ۾ ويٺل سوين جي اي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي اميدوارن پاران وحيد حيدر زئور، طاھر سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سجاول ٺٽو روڊ تي برانچ موري وٽ ڌرڻو هنيو ويو، اميدوارن جي ڌرڻي سبب ڪراچي بدين روڊ تي ٽريفڪ معطل ٿي ويئي جڏهن ته روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون،اميدوارن پاران نوڪري جا آرڊر نه ملڻ خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، انهي موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي اميدوارن چيو ته ضلعي سجاول ۾ پي ايس ٽيز جون 614 ۽ جي اِي ايس ٽيز جون 889 جايون خالي آهن ۽ گذريل سال 2023 ۾ ڄاڻايل جاين تي ڀرتي لاءِ هتي جي نوجوانن آئي بي اي پاران ورتل ٽيسٽ پڻ پاس ڪئي آهي جڏهن ته ڪجهه اميدوارن کي آفر آرڊر پڻ جاري ڪيا ويا آهن ليڪن کين جوائننگ نه پئي ڏني وڃي هنن چيو ته تازو تعليم کاتي پاران استادن جي ڀرتي واري عمل تي سڄي سنڌ مان پابندي ختم ڪئي ويئي آهي ليڪن سجاول ٺٽي ضلعي جي مختلف تعلقن ۾ پابندي برقرار رکي ويئي آهي جڏهن ته ٺٽي ۽ سجاول ضلعي سميت ڀرتين تي پابندي مڙهيل ضلعن ۾ ئي استادن جون جايون وڏي تعداد ۾ خالي پيل آهن جنهن سان هڪ طرف آئي بي اي ٽيسٽ پاس نوجوانن جي حق تلفي ٿي رهي آهي ٻئي طرف استادن جون وقت سر ڀرتيون نه ٿيڻ سبب تعليمي عمل پڻ متاثر ٿي رهيو آهي هنن چيو آئي بي اي ٽيسٽ پاس پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي اميدوارن کي فوري طور تي جوائننگ ڏيئي نوجوانن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي. ڌرڻي ھڻي ويٺل متاثرن وٽ ڊي اي او سيڪنڊري پيار علي خواجہ پھچي نوڪرين جي ڀرتي جي يقين دھاني ڪرائڻ کانپوءِ ڌرڻو ختم ڪيو ويو