شڪارپور ۾ ڊسٽرڪٽ پوليو اريڊيڪيشن ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي

شڪارپور ۾ ڊسٽرڪٽ پوليو اريڊيڪيشن ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي

شڪارپور ۾ ڊسٽرڪٽ پوليو اريڊيڪيشن ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي

شڪارپور (احسان ابڙو) ڊسٽرڪٽ پوليو اريڊيڪيشن ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي ڊي سي آفيس شڪارپور ۾ ٿي گذري تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ ڊسٽرڪٽ پوليو اريڊيڪيشن ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي. گڏجاڻيءَ جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ ڪئي. گڏجاڻيءَ ۾ بريفنگ ڏيندي امتياز حسين ميتلو چيو ته گذريل پوليو مهم سٺي رهي آهي ۽ اسان جي ڪوريج وڌي آهي مھم دوران ڪا بہ غلط ڪوريج نه ملي آهي هن چيو ته اسان کي ڊي اي او پرائمري جي تعاون جي ضرورت آھي ۽ خانپور تعلقي ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز گھٽ آهن اتي اسان کي پي پي ايڇ آءِ جي سپورٽ جي ضرورت آهي هن چيو ته اسان کي خانپور تعلقي ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان ڪجهه مسئلا آهن. گڏجاڻيءَ سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور چيو ته هن دفعي پوليو جي ٽيمن جي ڪارڪردگي سٺي رهي آهي. هن چيو ته ايندڙ پوليو مهم ۾ اڃان به وڌيڪ محنت ڪرڻ گهرجي، سڪيورٽيءَ جي حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ چيو ته سڪيورٽيءَ جا جيڪي مسئلا آهن انهن کي حل ڪيو ويندو ۽ ٽرانزٽ پوائنٽس تي پوليس جو هجڻ ضروري آهي. ان موقعي تي گڏجاڻيءَ سان ڳالهائيندي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر وسيم الدين شيخ چيو ته هر مهم جيان تعلقه فوڪل پرسن، ليڊي هيلٿ ورڪرس ۽ ويڪسينيٽرن کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪئي وڃي ته ڪوبه ٻار پوليو کان بچاءُ جي قطرن پيئڻ کان نه رهجي.