ٺٽي ضلعي جو دورو ڪرڻ جو مقصد مسئلا حل ڪرڻ آھي: شاھد حسين ابڙو

ٺٽي ضلعي جو دورو ڪرڻ جو مقصد مسئلا حل ڪرڻ آھي: شاھد حسين ابڙو

ٺٽي ضلعي جو دورو ڪرڻ جو مقصد مسئلا حل ڪرڻ آھي: شاھد حسين ابڙو

ٺٽو( شفيق ڀٽي)انساني حقوق کاتي حڪومت سنڌ جو ڊپٽي ڊائريڪٽر شاھد حسين ابڙو منئيجر آئي ٽي جميل احمد رند سائيڪلوجسٽ ميڊم بسما مڪلي ۾ قائم شڪايت سيل آفيس ۽ ايس ايس پي آفيس جو دورو ڪيو انچارج شڪايت سيل انساني حقوق الطاف حسين تنيو پاڪستان ليگل يونائٽيڊ سوسائٽي جي ليگل ڪوارڊينٽر ماجد احمد مھر سان ملاقات شڪايت سيل جي ڪارڪردگي تي اطمنان جو اظھار مسئلا فوري حل ڪرڻ جي يقين ڌھياني ڪرائي ان موقعي تي شاھد حسين ابڙو چيو ته ضلع ٺٽي جو دورو ڪرڻ جو مقصد مسئلا حل ڪرڻ آھي دوري جي رپورٽ سيڪريٽري انساني حقوق کاتي کي ڏني ويندي شڪايت سيل طرفان نشاندگي ڪيل مسئلن کي حل نه ڪرڻ ۽ رپورٽون وقت تي نه جمع ڪرائڻ وارن خلاف اعليٰ آفيسرن کي لکيو ويندو الطاف حسين تنيو ٺٽي سجاول ضلع جي ڪارڪردگي بابت آگاھ ڪيو درپيش مسئلن کان آگاھ ڪيو انساني حقوق کاتي جا آفيسر ايس ايس پي آفيس پھتا ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران خان جي عدم موجودگي ۾ ڊي ايس پي ڪملينٽ سيل سيد افتخار شاھ سب انسپڪٽر ريڊر ٽو ايس ايس پي احمد نواز ڦلپوٽو وومن ڪمپلنٽ سيل جي انچارچ شبابا جوکيو سلمان ھالو ۽ ٻين سان ملاقات ڪمپلنٽ منيجمنٽ سسٽم بابت تفصيلي ڳالھ ٻولھ مسئلا فوري طور حل ڪرڻ جو چيو ويو