خيرپور ويجهو ڳوٺ وڏا سمنگ ۾ ٻن ڏينهن کان پراسرار نموني گم ڀيڻ ڀاءُ سميت ٽن ٻارڙن جا پيتي مان لاش هٿ

خيرپور ويجهو ڳوٺ وڏا سمنگ ۾ ٻن ڏينهن کان پراسرار نموني گم ڀيڻ ڀاءُ سميت ٽن ٻارڙن جا پيتي مان لاش هٿ

خيرپور ويجهو ڳوٺ وڏا سمنگ ۾ ٻن ڏينهن کان پراسرار نموني گم ڀيڻ ڀاءُ سميت ٽن ٻارڙن جا پيتي مان لاش هٿ

خيرپور (ڊ ر) خيرپور ويجهو ڳوٺ وڏا سمنگ ۾ ٻن ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿيل ڀيڻ ڀاءُ سميت ٽن ٻارڙن جا صندوق مان لاش مليا، شاهنواز شيخ جي گهر مان سندس 4ورهين جي ڌيءَ مهناز ، 6 ورهين جي پٽ مدد ۽ عرفان شيخ جي 10 ورهين جي پٽ عارف جا لاش مليا، واقعي بعد ايس ايس پي خيرپور زبير نظير شيخ ڳوٺ وڏا سمنگ پھچي واقعي واري ھنڌ جو معائنو ڪيو ۽ وارثن کان تفصيل ورتا، صوبائي گھرو وزير ضياءَ الحسن لنجار واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي کي جاچ ڪري تفصيلي رپورٽ فراھم ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏيو، پ پ اڳواڻ نفيسا شاھھ واقعي تي ڏک جو اظھار ڪيو، گھر ڌڻي شاهنواز شيخ جو چوڻ آهي ته هڪ سازش تحت ٻارن کي صندوق ۾ واڙي قتل ڪيو ويو آهي، صندوق ٻاهران بند پيل هئي جنهن مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته ڄاڻي واڻي ٻارن کي ماري صندوق ۾ واڙيو ويو آهي، ھن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي، مھناز ۽ مدد علي جي امڙ روئيندي چيو تھ ٻارڙڻ کي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آھي، انصاف ڪيو وڃي.