ڪراچي ۾ نوشهري فيروز واسي ڇهين ڪلاس جي شاگردياڻي زيادتي بعد قتل

ڪراچي ۾ نوشهري فيروز واسي ڇهين ڪلاس جي شاگردياڻي زيادتي بعد قتل

ڪراچي ۾ نوشهري فيروز واسي ڇهين ڪلاس جي شاگردياڻي  زيادتي بعد قتل

ڪراچي ۾ نوشهري فيروز واسي ڇهين ڪلاس جي شاگردياڻي زيادتي بعد قتل، پوليس جو چوڻ هو ته ڪورنگي بلال ڪالوني سيڪٽر 8 بي ۾ 13 ورهين جي ثنا ٻرڙو کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو، ثنا جو والد انور علي ڪم تي ويل هو، انور ٻڌايو ته گهرواري سبزي وٺڻ وئي هئي، واپس آئي ته ڌيءَ جو لاش ٽنگيل حالت ۾ مليو، گهر ۾ ثنا سان گڏ ننڍڙا ڀيڻ ڀاءُ به هئا، ابتدائي طور ٻڌايو ويو ته ثنا خودڪشي ڪئي پر ڇت تمام گهڻو مٿي آهي، ان ڪري هي خودڪشي نه پر قتل آهي، وارثن اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪيو پر پوليس لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو، پوسٽ مارٽم ۾ نينگري سان زيادتي جي تصديق ٿي، وارثن پوليس کي دير سان اطلاع ڏنو، نينگري کي زيادتي بعد قتل ڪري خودڪشي جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، خدشو آهي ته گهر جو ڪو ماڻهو هن واقعي ۾ ملوث آهي، گهر ڀاتين کي جاچ ۾ شامل ڪيو ويندو، ڊي اين اي سيمپل ورتا ويندا، واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن، وارث لاش کڻائي نوشهروفيروز روانا ٿي ويا، واقعي جو ڪيس نينگري جي والد جي فرياد تي داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ قتل ۽ ٻيا قلم شامل ڪيا ويا آهن، علائقي واسين موجب متاثر خاندان 6 مهينا اڳ هتي آيو،