مٽياري ۾ اين ڊي ايف پاران چارٽر آف ڊيمانڊ پيش ڪرڻ لاءِ تقريبون منعقد

مٽياري ۾ اين ڊي ايف پاران چارٽر آف ڊيمانڊ پيش ڪرڻ لاءِ تقريبون منعقد

مٽياري ۾ اين ڊي ايف پاران چارٽر آف ڊيمانڊ پيش ڪرڻ لاءِ تقريبون منعقد

مٽياري(رپورٽر) شموليت واري جمهوريت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ جرئتمند قدم کڻندي معذورن جي سماجي تنظيم اين ڊي ايف پاران پاڪستان ۾ ايندڙ اليڪشن 2024 جي نامزد اميدوارن کي معذورن جي سياسي شموليت لاءِ پي ايس 56 ضلعي مٽياري جي پ پ ايم پي اي اميدوار مخدوم محبوب زمان کي چارٽر آف ڊيمانڊ پيش ڪرڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي. پ پ ايم پي اي اميدوار چيو ته چارٽر آف ڊيمانڊ ۾ معذورن جا بنيادي حق شامل آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه سماج جي ڪمزور طبقن جي حوصلا افزائي ڪئي آهي، معذور ماڻهن جي سياسي شموليت کي سياسي ايجنڊا تي ترجيحي بنيادن تي رکيو ويندو جيئن پيپلز پارٽي چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي وفاقي حڪومت ٺاهيندي ته معذورن جي پارليامينٽ۾ اچڻ لاءِ راھ هموار ڪئي ويندي. هڪ ٻي تقريب ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن جي نامزد اميدوار اين اي 216 ببشير احمد ميمڻ، مسلم ليگ (ن) جي نامزد ايم پي اي اميدوار PS 57 نصير احمد ميمڻ، جمعيت علماء جي نامزد اميدوار صاحب ڏنو ورياھ کي پڻ چارٽر آف ڊيمانڊ پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي مسلم ليگ ن جي سنڌ جي صدر ۽ نامزد ايم اين اي اميدوار بشير ميمڻ ڳالھائيندي اين ڊي ايف ٽيم جي حوصلا افزائي ڪندي چيو ته اين ڊي ايف معذور ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ تمام اھم ڪردار ادا ڪري رهي آھي. بشير ميمڻ وڌيڪ چيو ته ايندڙ پارليامينٽ ۾ معذورن جي مخصوص سيٽن لاءِ مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي قيادت کي چارٽر آف ڊيمانڊ پيش ڪيو ويندو جئين معذور مستقبل قريب ۾ قومي ۽ صوبائي سطح تي فيصلہ سازي ۾ شامل ٿي سگھن. ان کان اڳ طارق حسين چنڙ پروگرام مئنيجر اين ڊي ايف RAMP پروجيڪٽ تحت 15 نقاطي چارٽر آف ڊيمانڊ 2024ع جي عام چونڊن دوران پيپلز پارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ جي يو آءِ (ف) جي اميدوارن کي پيش ڪيو.