English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
موھن جو دڙو ويجھو شادي ڪاڄ دوران فائرنگ ۾ نينگر قتل، خوشيون ماتم ۾ تبديل
views
|
05th Feb 2024
•
سنڌي خبرون
موھن جو دڙو ويجھو شادي ڪاڄ دوران فائرنگ ۾ نينگر قتل، خوشيون ماتم ۾ تبديل
موهن جو دڙو(معشوق مشوري) موهن جو دڙو ائيرپورٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ وڪڙو ۾ گذريل ڏينهن نوجوان نروار ماڇي جي شادي ڪاڄ ۾ سوٽ هٿان پسٽل جو فائر ٿيڻ تي گولي لڳڻ سبب 8 سالن جو معصوم نينگر حسنين پٽ مجيب الرحمان ماڇي فوت ٿي ويو آهي. شادي ڪاڄ ۾ اوچتو اهڙو واقعيو ٿيڻ تي شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون. هوڏانهن فوتي نينگر جو لاش پوسٽ مارٽم لاء ڏوڪري اسپتال منتقل ڪيو ويو. جتي پوسٽ مارٽم بعد نينگر حسنين ماڇي جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ماتم مچي ويو. جڏهن تہ ايئرپورٽ پوليس فائر ڪندڙ جوابدار اسد عرف انيس ماڇي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. هوڏانهن ايئرپورٽ پوليس جو چوڻ هو ته ڳوٺ وڪڙو ۾ شادي جي هلندڙ تقريب دوران فائرنگ ڪرڻ سبب گولي لڳڻ جي نتيجي ۾ 8 ورهين جو حسنين ماڇي فوت ٿي ويو آهي. پوليس موجب وارثن جي مرضي مطابق ڪيس داخل ڪيو ويندو. پوليس موجب هو وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهن، هوڏانهن فوتي نينگر جي چاچي منير احمد ماڇي جو چوڻ هو ته اسان جي معصوم کي بي گناهہ گولي هڻي هنن سان ظلم ڪيو ويو آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
پاکستان
پاکستان سے امریکا منتقل ہونیوالی27 سالہ ڈاکٹر جگر ٹرانسپلانٹ سے آدھا گھنٹہ قبل چل بسیں
29th Sep 2025
•
تازہ ترین
کھیلوں میں جنگ کو گھسیٹنے سے صرف بھارت کی ’بوکھلاہٹ‘ ظاہر ہوتی ہے، محسن نقوی
29th Sep 2025
•
پاکستان
کمشنر قلات ڈویژن ڈاکٹر طفیل بلوچ سے ڈپٹی کمشنر آواران انجینئر عائشہ زہری کی خضدار میں اہم ملاقات
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ هاسپيٽل بيسڊ بلڊ بئنڪ پاران انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ ۾ سالانه بلڊ ڪئمپ لڳائي وئي
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ درٻيلو واسي پيرسن جو پٽ خلاف احتجاج
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس جي ڪارروائي، 9 جواري گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
موهن جو دڙو
ڳوٺ وڪڙو
نروار ماڇي
0 تبصرے