ٺٽي ۾ ڪشمير ڊي تي اي ڊي سي ون محمد علي خواجا جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي

ٺٽي ۾ ڪشمير ڊي تي اي ڊي سي ون محمد علي خواجا جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي

ٺٽي ۾ ڪشمير ڊي تي اي ڊي سي ون محمد علي خواجا جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي

ٺٽو(ڊ ر)گڏيل قومن کي ڪشميرين جي حق خوداراديت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. محمد علي خواجه، ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت سميت سندن آزادي جي جدوجهد آخري دم تائين جاري رهندي. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ٺٽو، پوري مُلڪ جيان ضلعي ٺٽي ۾ بہ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار ۾ ضلعي انتظاميہ پاران ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون محمد علي خواجه جي اڳواڻي ۾ ڊي سي آفيس کان ڊي سي چوڪ مين نيشنل هاءِ وي تائين ھڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي تعليم، صحت، پوليس، روينيو، سوشل ويلفيئر، اطلاعات، زڪوٰة عشر ۽ ٻين مختلف کاتن جي آفيسرن ۽ عملي، مختلف اسڪولن جي استادن، اسڪائوٽس، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، صحافين، سول سوسائٽي ۽ مختلف اين جي اوز جي نمائندن شرڪت ڪئي ۽ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار ۾ بينر، پمفليٽ ۽ پلي ڪارڊ کڻي سندن حق ۾ زبردست نعرا هنيا. ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون محمد علي خواجه ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع کان مذموم مهم شروع ڪري ڇڏي آهي اھو غير قانوني عمل سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ جنيوا ڪنوينشن جي ڀڃڪڙي آهي. 76 سالن کان ڀارت طاقت جي زور تي ڪشميرين جي آزادي کي دٻائي رکيو آهي. هن چيو ته اسان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت ۽ سندن آزادي واري جدوجهد لاءِ آخري دم تائين مدد جاري رکنداسين ۽ انشاءَ الله ڪشمير بڻجندو پاڪستان. هن چيو ته گڏيل قومن ڪشميرين کي حق خوداراديت ڏيارڻ جو واعدو ڪيو هو هاڻي گڏيل قومن کي گھرجي تہ ھو ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏيارڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ريلي کي خطاب ڪندي ضلعي ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري حضور بخش خاصخيلي، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري نظام الدين کڏائي، ڊي ايس پي لياقت جسڪاڻي، ايس ايڇ او سنڌ انٽيگريٽيڊ ايمرجنسي هيلٿ سروسز 1122 محمد علي ميرجت، ڊاڪٽر دائود هيلايو ۽ ٻين چيو ته مودي وٽ نه ته مندر محفوظ آهن ۽ نه ئي مسجدون، مودي جيڪو شرمناڪ ظلم ڪيو آهي ان جي کيس جيتري سزا ملي گهٽ آهي، ڀارت اسان جي صبر کي ڪمزوري نه سمجهي پاڪستان جو ٻچو ٻچو ڪشميرين سان گڏ آهي.