English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ جي سربراھھ اياز لطيف پليجي پاران چونڊ سرگرميون تيزي سان جاري
121 views
|
05th Feb 2024
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي سربراھھ اياز لطيف پليجي پاران چونڊ سرگرميون تيزي سان جاري
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ ۽ پي ايس 60 قاسم آباد حيدرآباد جي اميدوار اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ پونم پمپ کان سوين گاڏين جي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ اديب دانشور ايڊووڪيٽ شھاب اوستو، انعام شيخ، صحافي امداد سومرو، اظھار سومرو، ڪاشف صديقي، جي يو آئي جي اڳواڻ مولانا اعظم جھانگيري سوين سنڌياڻين سميت ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي، ريلي جي وک وک تي گلن جي ورکا ڪري شاندار استقبال ڪيا ويا. ريلي پي ايس 60 قاسم آباد جي مختلف علائقن قاسم چوڪ، سينٽر جيل ھٽڙي باء پاس،نيوسٽي، گيلو نوناري، واڻڪي وسي،مسو ڀرڳڙي ،طالب المولا ڪالوني، مسو ڇلگري، ھٽڙي، درياھ بيگ، مغل، باگراڻي ڳوٺ، ھنڊاپيلس، ماري ٽائون ،ڀٽائي ٽائون، گلستان سجاد، سٽيزن ڪالوني، علمدار چوڪ، نسيم نگر، واڌو واھ گيٽ، علي پيلس روڊ، سحرش نگر، پٺاڻ ڳوٺ ،گدو چوڪ، وحدت ڪالوني، سئي گيس آفيس کان ٿيندي پڪوڙا چوڪ قاسم آباد جلسي جي شڪل اختيار ڪري وئي. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ پي ايس 60 قاسم آباد جي اميدوار اياز لطيف پليجي خطاب ڪندي چيو تہ 8 فيبروري تي ڄام خان شورو، پيپلز پارٽي ۽ زرداري ٽولي جي ڪرپشن جو سج لھي ويندو. ھاڻ پي ايس 60 تڪ قاسم آباد سميت سنڌ جو ست ڪروڙ عوام تبديلي چاھي ٿو. 2013 ۽ 2018 جي اليڪشن ۾ قاسم آباد جي عوام جي مينڊيٽ تي پيپلزپارٽي ۽ آصف زرداري ڌاڙا ھڻي جعلسازي سان اسان جا نتيجا تبديل ڪيا، ھن ڀيري ڌانڌلي ھلڻ نہ ڏني ويندي. 8 فيبروري تي ڪامياب ٿي سڄي سنڌ ۾ جشن ملھائينداسين ۽ امن، انصاف، برابري، تعليم ۽ صحت لاء ڪم ڪنداسين. نوجوانن کي تعليم ۽ روزگار ڏنو ويندو. زراعت کي بحال ڪري بک، بيروزگاري جو خاتمو آڻينداسين. اياز لطيف پليجي چيو تہ 8 فيبروري تي تاري تي ٺپو هڻي سنڌ جي خوشحالي ميرٽ، امن،انصاف ،حق ۽ سچ جو ڏينهن ثابت ڪندا. پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي گذريل ٻوڏ ۾ سنڌ سرڪار هٿ وٺي ٻہ ڪروڙ ماڻهن کي ٻوڙي دربدر ڪيو، شهرن جا شهر ٻوڙايا ويا، اڄ ڏينهن تائين ٻوڏ متاثرن جي ڪابہ واهر نہ آهي. پيپلز پارٽي پنهنجي گذريل حڪومتي دور دوران سنڌ کي عوام کي بک، بدحالي، بيروزگاري، بدامني ۽ لاقانونيت کان سواءِ ڪجھ نہ ڏنو.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي ھٿ وٺي تباھ ۽ برباد ڪيو ويو آھي. پيپلز پارٽي چاھي ھا تہ 15 سالن ۾ سنڌ مان غربت، بک بدحالي ۽ بيروزگاري ختم تي وڃي ھا پر ڪرپٽ وزير تعليم، صحت، زراعت سميت ھر کاتي کي لٽي کرب پتي تي ويا آھن. ڪرپشن ذريعي کٽيل دولت ٻاھرين ملڪن ۾ منتقل ڪئي وئي آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
ر اياز لطيف پليجو
0 تبصرے