English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جو ناليوارو سينئر صحافي ذلف پيرزادو لاڏاڻو ڪري ويو، موھن جو دڙو ڀرسان ٻلھڙيجي ۾ تدفين
238 views
|
28th Jan 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو ناليوارو سينئر صحافي ذلف پيرزادو لاڏاڻو ڪري ويو، موھن جو دڙو ڀرسان ٻلھڙيجي ۾ تدفين
موھن جو دڙو (رپورٽر) سموري ڄمار سچائي، ايمانداري ۽ ديانتداري سان صحافتي فرض نڀائيندڙ، ڪميٽڊ جرنلسٽ، ذلف پيرزادو لاڏاڻو ڪري ويو،موهن جو دڙو ڀرسان ٻلهڙيجي ۾ تدفين. تفصيل موجب سموري ڄمار سچائي، ايمانداري ۽ ديانتداري سان صحافتي فرض نڀائيندڙ، ڪميٽڊ جرنلسٽ، ذلف پيرزادو 63 سالن جي ڄمار ۾ دل جو دورو پوڻ سبب ڪراچي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس تڏو ٻلهڙيجي ۾ وڇايو ويو آهي. ان ڏس ۾ سينئر صحافي ذولف پيرزادو کي دل جي تڪليف سبب ڪراچي جي اسپتال آندو ويو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. هوڏانهن مرحوم جي مڙهہ کي ايمبولنس ذريعي موهن جو دڙو ڀرسان اباڻي ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ سخي شاھ جمال جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ سياسي سماجي صحافتي ڌرين جي ماڻهن شرڪت ڪئي. ذولف پيرزادو 10 نومبر 1960 ۾ ٻلهڙيجي ۾ عبدالرحيم پيرزادو جي گهر ۾ جنم ورتو هن زندگي جا ڪيترائي لاھا چاڙھا ڏٺا ـ چار ڏھاڪن کان وڌيڪ عرصو سنڌي صحافت کي ڏنو ـ شاگردي جي دور ۾ سرگرم سياسي ڪارڪن رھيوـ هو شهيد نظير عباسي جو ويجهو ساٿي رهيو ڊي ايس ايف ۾ سرگرم ڪارڪن به رهيو آخر تائين کاٻي ڌر سان سلهاڙيل رهيو جڏهن ته عوامي حقن لاءِ جدوجھد جي ڏوھ ۾ هن 2 ڀيرا جيل جون سختيون به ڀوڳيون ـ ذلف پيرزادو عوامي آواز ـ خبرون الک, پڪار سميت ڪيترين ئي سنڌي اخبارن ۾ ڪم ڪيو ـ ھن وقت هو ڪراچي پريس ڪلب ـ ڪراچي يونين آف جرنلسٽ ۽ پي ايف يو جي جو ميمبر ۽ عوامي آوازجو ڊپٽي ايڊيٽر پڻ ھوـ ذولف پيرزادو موسيفي ۽ شاھ لطيف جي بيتن جو ڄاڻو رهيو هو وائيسس گروپ ۾ نامياري راڳي بيدل مسرور سان سر سنگيت ۾ شامل رهيو. ذولف پيرزادو پونئيرن ۾ هڪ پٽ عبدالرحيم پيرزادو ۽ 4 ڌيئر هڪ بيواه سوڳوار ڇڏيا آهن. هوڏانهن ذلف پيرزادو جي لاڏاڻي تي سندس پونيرن سينئر صحافي سهيل پيرزادو، جميل پيرزادو سليم پيرزادو ۽ ٻين سان تعزيت جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. وڏي انگ ۾ سياسي سماجي ۽ صحافتي ڌرين جي ماڻهن تڏي تي پهچي پونيرن سان ڏک ونڊيو آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعليم جي نالي ۾ ملير جي مٽيءَ جو ماتم، ايجوڪيشن سٽي، اجڙندڙ ڳوٺ ۽ خاموش ٿيندڙ آواز
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
بلاول کے بیان کا غلط مطلب لیا گیا، چیئرمین سندھی قوم پرستوں کی عزت کرتے ہیں: شرجیل میمن
20th Aug 2026
•
سندھ
شاہ رخ خان اور عابدہ پروین سمیت 6 افراد گریڈ 16 میں سیکنڈری اسکول ٹیچر بھرتی!
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
بلاول قوم پرستوں سے متعلق بیان سے پیچھے ہٹ گئے، الفاظ کے انتخاب میں غلطی ہوئی: پیپلز پارٹی چیئرمین کا اعتراف
21st Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعليم جي نالي ۾ ملير جي مٽيءَ جو ماتم، ايجوڪيشن سٽي، اجڙندڙ ڳوٺ ۽ خاموش ٿيندڙ آواز
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
بلاول کے بیان کا غلط مطلب لیا گیا، چیئرمین سندھی قوم پرستوں کی عزت کرتے ہیں: شرجیل میمن
20th Aug 2026
•
سندھ
شاہ رخ خان اور عابدہ پروین سمیت 6 افراد گریڈ 16 میں سیکنڈری اسکول ٹیچر بھرتی!
20th Aug 2026
•
تازہ ترین
بلاول قوم پرستوں سے متعلق بیان سے پیچھے ہٹ گئے، الفاظ کے انتخاب میں غلطی ہوئی: پیپلز پارٹی چیئرمین کا اعتراف
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
موھن جو دڙو
ذلف پيرزادو لاڏاڻو ڪري ويو
0 تبصرے