English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ ضلعي رٽرننگ آفيسر اسد علي خان جي صدارت هيٺ ضابطه اخلاق بابت اهم اجلاس
views
|
25th Jan 2024
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ ضلعي رٽرننگ آفيسر اسد علي خان جي صدارت هيٺ ضابطه اخلاق بابت اهم اجلاس
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ضلعي رٽرننگ آفيسر ٺٽو جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران جاري ڪيل عام چونڊن 2024ع جي ضابطه اخلاق بابت اهم اجلاس. ضلعي رٽرننگ آفيسر ۽ ڊپٽي ڪمشنر اسد علي خان جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران جاري ڪيل عام چونڊن 2024 جي حوالي سان ضابطه اخلاق بابت دربار ھال مڪلي ۾ هڪ اهم اجلاس منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ايس ايس پي آفتاب احمد. نظاماڻي، ضلعي اليڪشن ڪمشنر محمد عمران آرائين ۽ ضلعي مانيٽرنگ آفيسر سجاد انصاري سميت قومي ۽ صوبائي سيٽن جي اميدوارن ۽ سندن نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ضلعي رٽرننگ آفيسر ۽ ڊپٽي ڪمشنر اسد علي خان چيو ته عام چونڊن 2024ع ۾ حصو وٺندڙ اميدوار ۽ پارٽيون اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران جاري ڪيل ضابطا اخلاق تي عمل کي يقيني بڻائين. هن چيو ته اسان لاءِ سڀ اميدوار برابر آهن، اسان کي سڀني لاءِ آزاد ماحول ٺاهڻو آهي، جيڪڏهن ڪنهن اميدوار کي ڪا شڪايت آهي ته هو لکت ۾ آگاهه ڪري، ثابت ٿيو ته ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته ضلعي ۾ صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا، ڪنهن کي به امن امان خراب ڪرڻ جي اجازت ھر گز نه ڏني ويندي. هن چيو ته ٺٽو هڪ پرامن ضلعو آهي، سمورن اميدوارن کي چونڊ کان پھريان ۽ چونڊ واري ڏينهن امن امان برقرار رکڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته مڪاني ادارن جا نمائندا ۽ سرڪاري ملازم چونڊ مهم جو حصو بڻجڻ کان پاسو ڪن، ٻي صورت ۾ ثبوت مليا ته ڪارروائي ڪئي ويندي. ان موقعي تي اميدوارن پاران مختلف شڪايتون پڻ ڪيون ويون جنهن تي هن لاڳاپيل آفيسرن کي ڪارروائي جا حڪم پڻ ڏنا. ان موقعي تي ايس ايس پي آفتاب احمد نظاماڻي چيو ته صاف، شفاف ۽ پرامن چونڊون ڪرائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا ۽ ان حوالي سان جٽادار ڪانٽيجنسي پلان پڻ جوڙيو ويو آهي. بعد ۾ ضلعي مانيٽرنگ آفيسر سجاد انصاري شرڪت ڪندڙن کي عام چونڊن جي ضابطه اخلاق بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي کين ٻڌايو ته چونڊ مهم دوران گاڏين ۽ ڪار ريلي تي مڪمل پابندي هوندي جڏهن ته عوامي ميڙاڪن ۽ جلوسن ۾ ۽ پولنگ واري ڏينهن ڪنهن به قسم جي هٿيار يا آتشي اسلحي کڻي وڃڻ يا نمائش تي به مڪمل پابندي هوندي. هن ٻڌايو ته بل بورڊز، وال چاڪنگ ۽ پينافليڪس لڳائڻ تي مڪمل پابندي هوندي جڏھن تہ ضابطا اخلاق تحت مقرر ڪيل سائيز جا پوسٽر، هينڊ بلز ۽ پمفليٽن جي اجازت هوندي جڏهن ته سرڪاري عمارتن تي ڪنهن به قسم جو چونڊ مواد لکڻ يا لڳائڻ تي پابندي هوندي. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته سياسي پارٽين ۽ اميدوار پنھنجي چونڊ مھم جي سلسلي ۾ ريليون ۽ جلوس ڪڍڻ کان اڳ لاڳاپيل ڊي آر او ۽ آر اوز کي آگاه ڪرڻ جا پابند ھوندا جڏهن ته اهڙن هنڌن تي عوامي ميڙاڪا ۽ گڏجاڻيون منعقد ڪندا ۽ اھڙو رستو اختيار ڪندا جيڪو ان مقصد لاءِ مختص ڪيو ويو ھجي، ان کان علاوہ اليڪسن کان 48 ڪلاڪ اڳ ھر قسم جي چوند مھم بند ھوندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
پاکستان
پاکستان سے امریکا منتقل ہونیوالی27 سالہ ڈاکٹر جگر ٹرانسپلانٹ سے آدھا گھنٹہ قبل چل بسیں
29th Sep 2025
•
تازہ ترین
کھیلوں میں جنگ کو گھسیٹنے سے صرف بھارت کی ’بوکھلاہٹ‘ ظاہر ہوتی ہے، محسن نقوی
29th Sep 2025
•
پاکستان
کمشنر قلات ڈویژن ڈاکٹر طفیل بلوچ سے ڈپٹی کمشنر آواران انجینئر عائشہ زہری کی خضدار میں اہم ملاقات
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ هاسپيٽل بيسڊ بلڊ بئنڪ پاران انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ ۾ سالانه بلڊ ڪئمپ لڳائي وئي
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ درٻيلو واسي پيرسن جو پٽ خلاف احتجاج
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس جي ڪارروائي، 9 جواري گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
ضلعي رٽرننگ آفيسر
0 تبصرے