بلڙي شاهه ڪريم ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان ڀيڻ ڀاءُ قتل، ماءُ ڌيءُ سميت 3 ڄڻا مرڻينگ, ايس ايس پي پاران نوٽيس

بلڙي شاهه ڪريم ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان ڀيڻ ڀاءُ قتل، ماءُ ڌيءُ سميت 3 ڄڻا مرڻينگ, ايس ايس پي پاران نوٽيس

بلڙي شاهه ڪريم ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان ڀيڻ ڀاءُ قتل، ماءُ ڌيءُ سميت 3 ڄڻا مرڻينگ, ايس ايس پي پاران نوٽيس

بلڙي شاهه ڪريم (رپورٽر) بلڙي شاه ڪريم ويجهو سيد برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ڪري ٻه ڄڻا قتل، 3 ڄڻا زخمي، ڳوٺ ميران محمد شاهه ۾ رات دير سان هٿياربندن سيد هاشم شاهه جي گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 24 ورهين جو نياز شاهه ۽ 26 ورهين جي بي بي بچل قتل، ڪمال شاهه، انيلا ۽ بختاور زخمي ٿي پيا، جن کي حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو، مقتولن جا لاش بلڙي شاهه ڪريم پوليس ٽنڊو محمد خان اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، سيد جمال شاهه جو چوڻ هو ته گولاڙچي جي سيد برادري پاران سڱاوتي تڪرار تان رات دير سان حملو ڪيو ويو.ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان سيد سليم شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي جاچ لاءِ ٽيم جوڙي ڇڏي، جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم پڻ جاري ڪري ڇڏيو، ايس ايس پي جي نوٽيس بعد ايس ڊي پي او ۽ ايس ايڇ او بلڙي شاهه پوليس اهلڪارن سان گڏ واقعي واري هنڌ پهچي شاهديون گڏ ڪيون، ايس ايس پي ٽنڊومحمدخان سليم شاهه جو چوڻ آهي ته ابتدائي جاچ مان معلوم ٿيو آهي ته رات دير سان سڱاوتي تڪرار تان واقعي جي مک جوابدار گولاڙچي واسي غلام نبي شاه ستل گهر ڀاتين مٿان فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن کي قتل ڪري ٽن ڄڻن زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو آهي، ايس ايس پي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي فرار ٿيندڙ جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن جلد کيس گرفتار ڪيو ويندو.