مورو ۾ پ پ اميدوار ضياءَ الحسن لنجار جي مان ۾ آجياڻو، دھل شرنائين سان آجيان

مورو ۾ پ پ اميدوار ضياءَ الحسن لنجار جي مان ۾ آجياڻو، دھل شرنائين سان آجيان

مورو ۾ پ پ اميدوار ضياءَ الحسن لنجار جي مان ۾ آجياڻو، دھل شرنائين سان آجيان

مورو (جاني جماڻي) پاڪستان پيپلز پارٽي ڊويزنل شھيد بينظير آباد جي صدر ، اڳوڻو وزير قانون ، ساھتي سرواڻ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پاران پي، ايس 35 جو نامزد اميدوار ضياء الحسن لنجار جي مان ۾ فيصل نظير ميمڻ۽ سيٺ آصف ميمڻ پاران آجياڻو ڏنو ويو . جنھن ۾ محترم ضياء الحسن لنجار جو گلن جي ورکا ۽ آتشبازي ۽ دھل شرنائي سان جيئي ڀٽو جيئي ضياء الحسن لنجار جي نعرن جي گونج ۾ ڀرپور ۽ شاندار استقبال ڪيو ويو ضياء الحسن لنجار زون 2 جي مين آفيس جو افتتاح پڻ ڪيو. ھن تقريب جو آغاز قرآن شريف جي تلاوت سان عبدالحميد ميمڻ ڪئي ، سيٺ آصف ميمڻ آيل مھمانن جو شڪريو ادا ڪيو ، ان کان پوءِ سنڌ جي ثقافت ۽ سوکڙي پٽڪو ضياء الحسن لنجار کي فيصل نذير ميمڻ ۽ سيٺ آصف ميمڻ پاران پارايو ويو . ۽ اين اي. 206 جي اميدوار ذوالفقار بھڻ جي ڀاء عزيز احمد بھڻ کي پٽڪو واجد ميمڻ پاران پارايو ويو .. ھن تقريب کي خطاب ڪندي ضياء الحسن لنجار چيو 8 فيبروري تي تير تي ٺپو ھڻي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوارن کي ڪامياب ڪرايو جيئن عوام جي ۽ شھر جي ترقي ٿي سگھي .لنجار صاحب چيو تي ھتان جو چونڊيل ايم پي اي پويان 5 سال کٽي گم ھئو . پر اوھان جي شھر جا ترقياتي ڪم پاڪستان پيپلز پارٽي ڪرايا . انشاءَالله اليڪشن کان پوءِ بہ مورو ۽ پي ايس 35 جا ترقياتي منصوبا جاري رھندا ۽ عوام جا مسئلا حل ڪنداسين.... ھن تقريب ۾ وارڊ نمبر 18 ۽ شھر جي معزز شخصيتن صحافي جاني جماڻي ظفر پنهور عارف يوسفزئي منظور لغاري کان علاوه پاڪستان پيپلز پارٽي جا سٽي ۽ تعلقو مورو جا اڳواڻ موجود ھئا. آخر ۾ آيل مھمانن کي ڊنر ڪرايو ويو.