مورو ويجھو ڀنڀرا برادري پاران جي ڊي اي کي الوداع، جلسي دوران پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان

مورو ويجھو ڀنڀرا برادري پاران جي ڊي اي کي الوداع، جلسي دوران پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان

مورو ويجھو ڀنڀرا برادري پاران جي ڊي اي کي الوداع، جلسي دوران پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان

مورو(جاني جماڻي) مورو ويجھو يوسي مناھي جي ڳوٺ دودو ڀنڀرو ۾ ڀنڀرا برادريءَ جي معزز شخصيت غلام شبير ڀنڀرو، غلام مرتضي ڀنڀرو، ممتاز علي ڀنڀرو، سيد عبدالله شاھ، سيد اڪرم شاھ، سيد عبدالرسول شاھ سميت ٻين جي ڊي اي جتوئي برادريءَ کي الوداع ڪري پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڊويزنل صدر پي ايس 35 تي اميدوار ضياءَ الحسن لنجار ۽ سابق ايم اين اي ذوالفقار علي بھڻ جي ھٿ تي اعتماد ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي ان موقعي تي ھڪ جلسو منعقد ڪيو ويو جتي ضياءَ الحسن لنجار خطاب ڪندي چيو تہ اسان علائقن ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا آھن جنھن جي بنياد تي عوام ۾ آيا آھيون ۽ انشاءَالله ٻيھر حڪومت ۾ اچي جيڪي بہ بنيادي مسئلا آھن اھي حل ڪنداسين روڊ رستن ڊرينيج اسڪول صحت مرڪز سميت جن شين جي علائقي ۾ ضرورت ھوندي اھا مڪمل طور تي ڏياري ويندي، ھن چيو تہ ھن علائقي ۾ زرعي زمينن کي پاڻي پھچائڻ تمام ڏکيو آھي ڇاڪاڻ تہ ھتي زور زبردستيءَ ھيٺ غير قانوني نوليون ھڻي پاڻي پڇڙي تائين نہ پيو پھچي جيڪو پڻ مسئلو حل ڪيو ويندو، ھي جيڪي روڊن رستن جا ڪم ھلي رھيا آھن اھي اسان جي سياسي ورڪ کان اڳ جا آھن ھتان جي عوام مان پر اميد آھيون تہ ھو اسان اميدوارن کي وڏي اڪثريت سان کٽرائڻ لاءِ ووٽ ڏئي ڏياري ڪامياب ڪندا. جڏھن تہ آيل مھمانن کي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي مولا بخش مبيجو، علي گل خاصخيلي، ڊاڪٽر مظھر علي ڪلھوڙو، سيد آفتاب احمد شاھ، بلاول ڏاھري، ممتاز علي زرداريءَ، علي مراد لنجار، دوست علي سولنگي ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.