ڪراچي پريس ڪلب پاران همدرد فائونڊيشن جي صدر سعديه راشد کي تاحيات ميمبر شپ ڏني وئي

ڪراچي پريس ڪلب پاران همدرد فائونڊيشن جي صدر سعديه راشد کي تاحيات ميمبر شپ ڏني وئي

ڪراچي پريس ڪلب پاران همدرد فائونڊيشن جي صدر سعديه راشد کي تاحيات ميمبر شپ ڏني وئي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب پاران تعليمي ۽ سماجي شعبي ۾ خدمتن تي همدرد فائونڊيشنل جي صدر سعديه راشد کي لائف ميمبر شپ ڏيڻ جي حوالي سان هڪ تقريب ڪوٺائي وئي، ان کان اڳ سعديه راشد جي پريس ڪلب آمد تي پريس ڪلب جو صدر سعيد سربازي، سيڪريٽري شعيب احمد، جوائنٽ سيڪرٽري محمد منصف، خزاني اهتشام سعيد قريشي، گورنگ باڊي جا ميمبر مونا صديقي، رانا جاويد، نور محمد ۽ شعيب احمد استقبال ڪيو، تقريب کي خطاب ڪندي همدرد فائونڊيشن جي صدر سعديه راشد چيو ته ڪراچي پريس ڪلب جي لائف ميمبر شپ منهنجي لاءِ هڪ اعزاز آهي، منهنجو والد شهيد حڪيم محمد سعيد به ڪراچي پريس ڪلب جو لائف ميمبر هو، هن چيو ته ڪراچي پريس ڪلب همدرد پاڪستان جو رشتو پراڻو آهي، منهنجو والد جيڪڏهن حڪيم نه هجي ها ته صحافي هجي ها، صحافين جون هن ملڪ لاءِ خدمتون ڪنهن کان ڳجهون ناهن، ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته صحافين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ حڪومت سان گڏ خانگي ادارا به اڳيان اچن، هن چيوته همدرد ۾ ڪا فيس ناهي، رڳو دوا جا پئسا ورتا وڃن ٿا، اسان جو مقصد اهو آهي ته همدرد مان وڌيڪ ماڻهو فائدو وٺي سگهن، ڊائريڪٽر ايڇ آر همدرد ارسلان چيو ته همدرد ملڪ واحد ادار آهي، جيڪو پنهنجي پروڊيڪشن جو سمورو پئسو تعليم ۽ صحت تي لڳائي ٿو، هن اعلان ڪيو ته جنرلسٽ سپورٽ پروگرام تحت همدرد جي اسپتال ۾ صحافين کي 25 سيڪرو رعايت ڏين ويندي، جنهن ۾ چيڪب ٽيسٽ وغير شامل آهن، هن ميمبرن جي ٻارڙن جي اسڪالر شپ جو اعلان ڪدي يوته ميٽرڪ ۾ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ نمبر کڻندڙ ٻاڙرن کي ساليانو 25 ۽ انٽر ميدِيٽ جي شاگردن کي 50 هزار رويپا ساليانو ڏنا ويندا، هن چيو ته بيروزگار صحارين کي همدرد پاران 30 هزار روپيا سالينو وظيفو ڏنو ويندو. ان حوالي سان ڪراچي پريس ڪلب جيڪا لسٽ اسان کي انهن ماڻهن کي ڪارڊ جي ذريعي هي معاوضو ڏيندو. جڏهن ته ڪراچي پريس ڪلب هڪ ڏينهن لاءِ فري وين به پنهنجو خدمتون فراهم ڪندي، ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي چيو ته اسان سعديه راشد کي ڪراچي پريس ڪلب اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا، شهيد حڪيم محمد شهيد ڪراچي جو سرمايو هو، اسان لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي جو ان جي ڌيءُ اڄ پريس ڪلب جو حصو بڻجي وئي آهي. ڪراچي پريس ڪلب جي سيڪريٽري شعيب احمد چيو ته گذريل سال جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو هو ته سعديه راشد کي لائف ميمبر شپ ڏني ويندي، تعليمي ۽ سماجي ميدان ۾ ان جو خدمتون ڪنهن کان ڳجهيون ناهن، هن چيوته ڪراچي ۾ پريس ڪلب ۾ سڄو سال ميمبرن لاءِ ورڪ شاپ، هيلٿ ۽ ٻيا پروگرام ڪيا وڃن ٿا، جي ايس ايم يو سان اسان جو ايم او يو آهي. ته ميرٽ لسٽ تي ميمبرن جي ٻارڙن جا تعليمي خرچ يونيورسٽي ڀريندي، ميمبرن جي علاج لاءِ پريس ڪلب نمايا ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ميمبرن کي سهولتون مليل آهن، ميمبرن جا مسئلا حل ڪرڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي. هن چيوته ڪورونا کان پوءِ ميمبر بيروزگار ٿي ويا هئا ته اسان ميمبرن لاءِ ڊجيٽل اسٽوڊيو ٺاهيو، شعيب احمد چيوته اڄ سعديه راشد به هن قافلي جو حصو بڻجي وئي آهي. ڪراچي پريس ڪلب جي اڳوڻي سيڪريٽري مقصود احمد يوسفي چيو ته حڪيم سعيد جو تعارف ڪرائڻ سج کي ڏيئو ڏيکارڻ برابر آهي، هن چيوته هن شهر تي اڻ ڳڻيا ا حسان آهن، شازيه حسن چيو ته ڪراچي پريس ڪلب ۾ 200 کان وڌيڪ عورتون ميمبرن آهن، عورتن لاءِ ڪراچي پريس ڪلب ۾وومين ۽ ڪمپليڪس ۽ جم جون سهولتون موجود آهن. جنهن کان پوءِ صدر سعيد بازي، سيڪريٽري شعيب احمد ۽ گورننگ باڊي جي ميمبرن سعديه راشد کي اجرڪ جو تعفو ۽ لائف ميمبر شپ جو سرٽيفڪيٽ ڏنو، جڏهن همددرد پاران ميمبرن جي ٻارڙن کي 80 سيڪڙو کان وڌيڪ نمبر کڻڻ تي 25 هزار روپين جي اسڪالر شپ ڏني وئي. ان موقعي تي جوائنٽ سيڪريٽري محمد منصف، خزانچي اهتشام قريشي گورننگ باڊي جا ميمبر شازيه حسن، مونا صديقي، رانا جاويد، نور محمد ڪلھوڙو، شعيب احمد، اڳوڻي سيڪريٽري اي ايڇ خانزادا، مقصود يوسفي، مظفر اعجاز، نعمت الله بخاري، اعجاز سمون، نصير احمد سميت صحافين جو وڏو انگ موجود هو.