مورو ويجھو عورت جو ڌيئرن، پٽن، ننھن ۽ معصوم پوٽين سميت ڀاءُ خلاف احتجاج

مورو ويجھو عورت جو ڌيئرن، پٽن، ننھن ۽ معصوم پوٽين سميت ڀاءُ خلاف احتجاج

مورو ويجھو عورت جو ڌيئرن، پٽن، ننھن ۽ معصوم پوٽين سميت ڀاءُ خلاف احتجاج

مورو (رپورٽر) مورو شھر جي سيھڙ محلا جي رھواسڻ امينہ سيھڙ زال اياز علي سيھڙ پنھنجي نياڻي، ننھن، پٽن معصوم پوٽين سان گڏ اباڻي زرعي زمين تي قرآن پاڪ کڻي احتجاج ڪندي اکين مان ڳوڙها ڳاڙيندي چيو تہ منھنجو سڳو ڀاءُ سيٺ ضمير حسين سيھڙ جيڪو منھنجي پيءُ مرحوم اميد علي سيھڙ جي زمين جا مختيارڪار ۽ ديھ جي تپيدار سان ملي ڀڳت ڪري مونکي فوتي ڄاڻائي زرعي زمين سميت ٻين ملڪيتن جا کاتا تبديل ڪرائي ڇڏيا آھن ھو زمين تي زبردستي قابض ٿي ويٺل آھي مون اھڙيون درخواستون ڊي سي نوشھرو فيروز، اي سي مورو ۽ مختيارڪار مورو کي ڏنيون جن جانچ پڙتال کانپوءِ ضمير حسين سيھڙ جا سمورا کاتا رد ڪري ڇڏيا آھن ۽ اسان کي لکت ۾ حصو ڏنو آھي پر ضمير حسين سيھڙ کان حق گھرڻ تي ھو منھنجي ٻچڙن کي مارڻ جو ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي منھنجو ڀاءُ مون بيمار ڀيڻ سان ظلم پيو ڪري مان مسڪين آھيان بيوس ٿي ھي قرآن پاڪ کڻي ويٺي آھيان ۽ پيٽرول بہ کڻي آئي آھيان جيڪڏھن حصو نہ مليو تہ پيٽرول پاڻ ۽ ٻچڙن تي ھاري باھ ڏينديس جنھن جو ذميوار ضمير حسين سيھڙ ۽ سندس ساٿ ڏيندڙ ھوندا جيستائين حق نہ ملندو تيستائين ھتي موجود رھنديس ھن وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ خدارا مون سان انصاف ڪري مون کي منھنجو حق وٺي ڏنو وڃي.