ڏوڪري تعلقي اسپتال ۾ ايڊمنسٽريشن ۽ ايم ايس پاران تقريب منعقد

ڏوڪري تعلقي اسپتال ۾ ايڊمنسٽريشن ۽ ايم ايس پاران تقريب منعقد

ڏوڪري تعلقي اسپتال ۾ ايڊمنسٽريشن ۽ ايم ايس پاران تقريب منعقد

ڏوڪري(اظهر علي ميمڻ)ڏوڪري ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي حوالي سان تعلقہ اسپتال جي ايڊمنسٽريشن ۽ ايم ايس پاران تقريب ڪوٺائي وئي. بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي حوالي سان گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي تعلقہ اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ظفر ﷲ موريو، پي پي ايڇ آءِ ايڊمنسٽر روشن علي پنهور، نثار احمد چنو پاران اسپتال ۾ تقريب ڪوٺائي تقريب ۾ سياسي سماجي، مذهبي ۽ صحافين پاڪستان پيپلزپارٽي سٽي صدر قاضي جميل احمد جوڻيجو، ڏوڪري ٽائون ڪاميٽي چيئرمين عبدالحميد جيسر، پ پ سٽي اڳواڻ شهمير علي ميراڻي، علي بخش ميتلو، ڊاڪٽر امتياز کوکر، بشير احمد سرگاڻي، قاضي آفتاب، اطهر ميمڻ، وحيد رمضان جوڻيجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تقريب ۾ شامل ٿيندڙن کي اسپتال جي عملي پاران مريضن کي سهولتون فراهم ڪرڻ سن گڏوگڏ عورتن جي ڊليوري آپريشن، مفت دوائون سميت معصوم ٻارڙن کي کاڌ خوراڪ ڏيڻ بابت بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي ايم ايس ڊاڪٽر ظفر ﷲ موريو، پي پي ايڇ ايڊمنسٽر روشن علي پنهور، نثار احمد چنو جو چوڻ هو ته تعلقہ اسپتال جي ڪارڪردگي ڪنهن کان لڪيل ناهي مريضن کي سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون، ڪجھ عناصر اسان جي خلاف سوشل ميڊيا پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن.