English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
موھن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ سونھارو گاڏجي جي رھواسين جو احتجاجي مظاھرو
216 views
|
16th Jan 2024
•
سنڌي خبرون
موھن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ سونھارو گاڏجي جي رھواسين جو احتجاجي مظاھرو
موهن جو دڙو(معشوق مشوري) موهن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ سونهارو گاڏهي جي ڳوٺاڻن حبدار علي، محمد عمر،عابد علي، نظير، امتياز گاڏي ۽ ٻين ڳوٺاڻن موهن جو دڙو پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي چيو آهي تہ 12 جوابدارن مور، عبدالحڪيم اقبال گاڏهي ۽ ٻيا ڏنڊا کڻي هنن مٿان حملو ڪيو ۽ ڳوٺاڻي محمد عمر جو ڪچو گهر ڊاهي ڇڏيو. جنهن دوران هڪ ٻڍڙي عورت مسمات سائنڻ زال عمر گاڏهي حملو ڪندڙ جوابدار کي ايلاز ڪندي رھي پر اھي کيس ڌڪا ڏيندا رھيا احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن ڳوٺ جي چڱن تي بہ الزام هنيو تہ حملو ڪندڙ جوابدارن کي ڳوٺ جا چڱا مڙس ٽيڪ ڀرائي رهيا آهن. جنهن ڪري هو ظلم تي لهي آيا آهن. هنن چيو تہ جوابدار سندن گهر ڊاهي اتي زمين آباد ڪرڻ چاهن ٿا. هنن چيو تہ جوابدار کين موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. ڳوٺاڻن چيو تہ هنن اهڙو اطلاع ويهڙ پوليس کي ڏنو آهي. جنهن تي ويهڙ پوليس جاء واردات جو معائنو ڪيو. هنن وس وارن کان گهر ڪئي آهي تہ جوابدارن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ويهڙ علي حسن ابڙو ٻڌايو تہ جوابدارن خلاف متاثر ڳوٺاڻن جي اين سي داخل آهي سندن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي. هن چيو تہ هن مٿان هٿياربندن جي مدد ڪرڻ جو الزام غلط آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
27th Jul 2026
•
پاکستان
اوورسیز پاکستانی ملکی معیشت کو مستحکم بنانے میں کلیدی کردار ادا کر رہے ہیں: ڈاکٹر پرویز اقبال لوہسر
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
آبادگارن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پروفيسر عبدالسميع ڀنڀرو
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
اسٽيل ٽائون پوليس جي ڪارروائي، 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ استادن جو 2023 جي آدمشماري جو معاوضو نھ ملڻ خلاف احتجاج
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ايس ٽي پي پاران سنڌوءَ جي تحفظ لاءِ 2 آگسٽ تي ريلي ڪڍڻ جو اعلان
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
موهن جو دڙو
ڳوٺ سونهارو گاڏهي
0 تبصرے