English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ: پوليس گلشن معمار ۾ بچت بازارون بند ڪرائي ڇڏيو، مزدورن جو احتجاج
209 views
|
03rd Jan 2024
•
سنڌي خبرون
گڏاپ: پوليس گلشن معمار ۾ بچت بازارون بند ڪرائي ڇڏيو، مزدورن جو احتجاج
گڏاپ (محمد علي خاصخيلي) سھراب ڳوٺ ٽائون ۾ ڊپٽي ڪمشنر اوڀر جي حڪم تي پوليس ايوب ڳوٺ. گلشن معمار ۾ لڳل بچت بازارن کي بند ڪرايو ويو. سوين مزدور پريشان. انتظاميه خلاف مزدورن جو احتجاج. اعلي اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو. تفصيل موجب. ڊپٽي ڪمشنر اوڀر جي حڪم تي سائيٽ سپر هاءِ وي پوليس گلشن معمار ۽ ايوب ڳوٺ لڳندڙ بچت بازارن کي بند ڪرائي ڇڏيو. پري پري کان بازار ۾ ڪاروبار ڪندڙ سوين مزدور پريشان ٿي ويا. ضلعي انتظاميا ۽ پوليس جي ناجائزين خلاف مزدورن احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي احتجاج ڪندڙ مزدورن چيو ته هن مھانگائي جي دور ۾ اسان کان حلال روزگار کسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ھزارين خاندانن جو روزگار بازارن ۾ لڳل آھي. هنن وڌيڪ چيو ته سڄي ضلعي اوڀر جون بازارون کليل آهن. جنهن کي انتظاميه بند نه ڪرائي سگهي، اڄ رات اوچتو سهراب ڳوٺ ٽائون سائيٽ سپر ھائي وي ٿاڻي جي ايس ايڇ او اسان جي بازار مان شاميانا پٽي اڇلائي ڇڏيا آهن اسين ھن بچت بازارن ۾ حلال روزگار ڪندا آھيون ھتي ڪو سماجي برائين جا اڏا قائم ناھن ٿيل جن کي بند ڪرائڻ لاء انتظاميه زور لڳايو آھي.سھراب ڳوٺ ٽائون ۾ پوليس سماجي برائين. ڦرون. چورين خلاف ايڪشن کڻڻ لاء تيار ناھي الٽو مسڪين ماڻھن کان روزگار کسيو پيو وڃي. هنن چيو ته اسان جي گهرن ۾ اڳ ئي فاڪا ڪشي وارو ماحول آھي ھن مھانگائي جي دور ۾ هڪ ويلو به سورن سان گزري رھيو آھي مٿان اسان جو روزگار بند ڪري انتظاميه ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهي ٿي؟ احتجاج ڪندڙن چيو ته جيڪڏهن بچت بازارن کي اجازت نه ڏني وئي ته ڊي سي ايسٽ ۽ حد جي پوليس خلاف احتجاج ڪنداسين. مظاهرين سپريم ڪورٽ. سنڌ هاءِ ڪورٽ. ميئر ڪراچي. ڊپٽي ڪمشنر (ڊي سي) اوڀر کان مطالبو ڪيو ته سهراب ڳوٺ ٽائون ۾ لڳندڙ بچت بازارن کي اجازت ڏئي غريب مسڪين ماڻهن کي روزگار ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گڏاپ
سھراب ڳوٺ ٽائون
ڊپٽي ڪمشنر اوڀر
0 تبصرے