ٺٽي ضلعي جي مختلف تڪن لاءِ نامزدگي فارم رد ٿيڻ خلاف اليڪشن ٽربيونل ڪراچي ۾ اپيلون داخل

ٺٽي ضلعي جي مختلف تڪن لاءِ نامزدگي فارم رد ٿيڻ خلاف اليڪشن ٽربيونل ڪراچي ۾ اپيلون داخل

ٺٽي ضلعي جي مختلف تڪن لاءِ نامزدگي فارم رد ٿيڻ خلاف اليڪشن ٽربيونل ڪراچي ۾ اپيلون داخل

ٺٽو (ڊ ر) ٺٽي ضلعي جي هڪ قومي ۽ ٻن صوبائي تڪن تان نامينيشن فارم رد ٿيڻ خلاف اميدوارن آر اوز جي فيصلن کي چئلينج ڪري ڇڏيو، پيپلزپارٽي جي اڳواڻن سميت پي ٽي آئي ۽ ايم ڪي ايم جي اميدوارن پنهنجا نامينيشن پيپر رد ٿيڻ خلاف اليڪشن ٽربيونل ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي سندن نامزدگي فارم بحال ڪرڻ جي استدا، ٺٽي جي صوبائي تڪ پي ايس 75 تان نامزدگي فارم رد ٿيڻ خلاف پ پ اڳواڻن پير رحماني عبدالحميد سومرو پي ٽي آئي اميدوار امجد شاھ ۽ ارسلان بروهي پاران اليڪشن ٽربيونل ڪراچي ۾ پنهنجي نامزدگي فارمن جي بحالي لاء درخواست داخل ڪرائي ڇڏي پنهنجي وڪيلن جي پئنلن معرفت ٺٽي جي صوبائي تڪ پي ايس 76 ميرپور ساڪرو تان نامزدگي فارم رد ٿيڻ خلاف ايس ٽي پي اميدوار عمر ناهيو ايم ڪيو ايم جي اميدوارن سراج الدين رياض ميربحر وحيد رند ۽ آزاد اميدوار زين شاھ پاران پڻ اليڪشن ٽربيونل ۾ اپيل داخل ڪرائي وئي ٺٽي جي قومي تڪ اين اي 225 تان نامزدگي فارم رد ٿيڻ خلاف پي ٽي آئي اميدوار ارسلان بروهي پڻ نامزدگي فارمن جي بحالي لاء درخواست داخل ڪرائي ڇڏي عورت زيب النساء نيازي پڻ پي ايس 76 تي نامزدگي فارم جي بحالي جي اپيل داخل ڪرائي ڇڏي اليڪشن ٽربيونل ڪراچي ۾ وڪيلن جي پئنل ايڊووڪيٽ ثناءُ الله سومرو آفتاب ميمڻ قربان هالو ۽ ٻين پاران سندن اپيلون داخل ڪرايون ويون قومپرست اڳواڻ غلام حيدر کٽي به پي ايس 76 تي نامزدگي فارم رد ٿيڻ خلاف اليڪشن ٽربيونل ڪراچي ۾ اپيل داخل ڪرائي ڇڏي سندس اپيل تي اڄ ٻڌڻي رکيل ٻين اپيل وارين پٽيشبز تي اليڪشن ٽربيونل سڀاڻي ٻڌڻي ڪندي