گڏاپ: پي ايس 98 تي پ پ اميدوار حاڪم جسڪاڻي پاران چونڊ سرگرميون تيز

گڏاپ: پي ايس 98 تي پ پ اميدوار حاڪم جسڪاڻي پاران چونڊ سرگرميون تيز

گڏاپ: پي ايس 98 تي پ پ اميدوار حاڪم جسڪاڻي پاران چونڊ سرگرميون تيز

گڏاپ (محمد علي خاصخيلي) اليڪشن پي ايس 98 تي پيپلزپارٽي اميدوار حاڪم جسڪاڻيء سياسي سماجي ماڻهن ۽ عوام سان ملاقاتون تيز ڪري ڇڏيون۔ مخدوم بلاول وليج جي مين روڊ تي قائم پي ايس 98 تي پارٽيء پاران کيس ٽڪيٽ ملڻ بعد سندس آفيس ۾ علائقي جي سياسي ماڻهن پھچي گلن جا ھار پارائي مبارڪون ڏنيون ۽ مختلف برادرين جي معززين پاران حاڪم جسڪاڻي جي مڪمل حمايت جو اعلان پڻ ڪيو۔ علائقي جي عوام۔ پارٽي ڪارڪنن ۽ ووٽرن جو ٿورائتو آھيان جيڪي پاڪستان پيپلزپارٽيء ۽ ان جي اميدوارن سان محبت ڪن ٿا:حاڪم جسڪاڻي تفصيل موجب پي ايس 98 تي پيپلزپارٽيء پاران نامزد اميدوار حاڪم جسڪاڻي کي سندس آفيس ۾ پھچي صفوران ٽائون جي چيئرمين راشد ڪليم الله خاصخيلي۔ يوسي 03 جي چيئرمين تاج محمد وساڻ ۔ لياقت بليدي۔ حسين بخش ناريجو۔ يعقوب سولنگي۔ ڪائونسلر علي رضا گبول ۽ ٻين سندس آفيس پھچي کيس مبارڪون ڏنيون ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي پي ايس 98 جي پ پ اميدوار حاڪم جسڪاڻي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته آئون علائقي جي عوام۔ پ پ ووٽرن ۽ سياسي سماجي ماڻهن جو ٿورائتو آھيان جن منهنجي حمايت جو اعلان ڪيو آهي ھن چيو ته آئون ڪا وڏي ڳالھ نٿو ڪريان پر اھو يقين سان چوان ٿو ته پي ايس 98 تص چونڊجي اچڻ بعد عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جي مڪمل ڪوشش ڪندس ھن چيو ته اليڪشن کٽي اچڻ بعد علائقي جي سيوريج۔ روڊن۔ اسڪولن ۽ اسپتالن جو ڄار وڇائي پنهنجي ماڻهن کي مڪمل سھولتون ڏيندس ۽ نوجوانن کي ميرٽ جي بنياد تي نوڪريون پڻ ڏياريندس۔ ان موقعي تي علائقي جي سولنگي برادريء جي معزز يعقوب سولنگي کيس گلن جا ھار پارائي مڪمل حمايت جو يقين پڻ ڏياريو۔ جڏهن ته بليدي برادري۔ خاصخيلي برادري۔ ناريجو برادري۔ سومرو برادري ۽ عباسي برادريء سميت ٻين مختلف برادرين جي معززن پڻ پي ايس 98 تي پ پ اميدوار حاڪم علي جسڪاڻي کي مڪمل حمايت جو اعلان ڪندي کيس چونڊن ۾ کٽرائڻ جو پڻ وچن ڪيو۔