English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ۾ عام چونڊڻ جي حوالي سان ڊي سي الطاف احمد چاچڙ جي صدارت ھيٺ اجلاس
64 views
|
08th Jan 2024
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ عام چونڊڻ جي حوالي سان ڊي سي الطاف احمد چاچڙ جي صدارت ھيٺ اجلاس
شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور ۾ جنرل اليڪشن 2024 جي تيارين بابت ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ گڏجاڻي ٿي گذري. گڏجاڻيءَ جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ ڪئي. گڏجاڻيءَ سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور چيو ته ضلعي ۾ جيڪي به پولنگ اسٽيشنون آهن انهن جي لاءِ متعلقه آفيسر پولنگ اسٽيشنن جو دورو ڪري انهن بابت رپورٽ پيش ڪن. جيڪي پولنگ اسٽيشنون حساس، انتهائي حساس ۽ نارمل آهن انهن بابت به رپورٽ ڏين ته جيئن انهن جي کوٽ واڌ کي وقت سر پورو ڪري سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ آر ٽي سيڪريٽري وسيم احمد ميمڻ کي هدايت ڪئي ته اليڪشن لاءِ گهربل ٽرانسپورٽ جو بندوبست ڪيو وڃي. هن چيو ته پولنگ اسٽيشنن ۾ جتي به ڪم رهيل آهي ته ان کي جلد کان جلد مڪمل ڪرايو وڃي. گڏجاڻيءَ سان ڳالهائيندي ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر عمران خان چيو ته ايندڙ جنرل اليڪشن ۾ ضلعي شڪارپور جي سمورين پولنگ اسٽيشنن تي پوليس عملدار پنهنجون ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا ۽ کٽل نفريءَ بابت اعليٰ عملدارن کي هڪ خط لکي نفريءَ جو پورائو ڪيو ويندو.گڏجاڻيءَ سان ڳالهائيندي ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر وقار احمد شاهه چيو ته اسان مختلف ادارن جي ملازمن کي اليڪشن بابت ٽرينگ ڏني آهي. هن چيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پرزائيڊنگ آفيسر ۽ اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسرن کي ٽرينگ ڏينداسين. هن چيو ته جيڪي ٽرينگ ۾ شامل نٿا ٿين ۽ ٽرينگ ڪري پوءِ ڊيوٽي جيڪي نه ڪندا انهن جي خلاف انهن جي ڊپارٽمينٽ کي ليٽر جاري ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Dec 2025
•
سندھ
کراچی: 75لاکھ سے زائد مالیت کی غیر ملکی شراب کی بڑی کھیپ پکڑی گئی
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیکیورٹی فورسز کی کارروائیاں، بھارتی حمایت یافتہ 9 دہشت گرد ہلاک
21st Dec 2025
•
تازہ ترین
کوئی کسی کو مائنس نہیں کر سکتا، آپس کی لڑائی نقصان دہ ہے، ملک بچانے کے لیے اتحاد کرنا ہوگا: خواجہ سعد رفیق
21st Dec 2025
•
کھیل
بھارت کو 191 رنز سے عبرتناک شکست، پاکستان انڈر 19 ایشیا کپ کا چیمپئن بن گیا
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ لکين رپين جي منشيات هٿ اچڻ وارو معاملو، ايس ايڇ او معطل
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان معصوم ٻار جو لاش هٿ، بن قاسم ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي نامياري اديب راشد لکمير جي صدارت هيٺ ٿي گذري
21st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڍورونارو پريس ڪلب جي سالياني چونڊ، عبدالستار چوپاڻ صدر، عاصم عارف قريشي نائب صدر چونڊجي ويا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
شڪارپور
جنرل اليڪشن
election 2024
0 تبصرے