English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ۾ عام چونڊڻ جي حوالي سان ڊي سي الطاف احمد چاچڙ جي صدارت ھيٺ اجلاس
257 views
|
08th Jan 2024
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ عام چونڊڻ جي حوالي سان ڊي سي الطاف احمد چاچڙ جي صدارت ھيٺ اجلاس
شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور ۾ جنرل اليڪشن 2024 جي تيارين بابت ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ گڏجاڻي ٿي گذري. گڏجاڻيءَ جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ ڪئي. گڏجاڻيءَ سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور چيو ته ضلعي ۾ جيڪي به پولنگ اسٽيشنون آهن انهن جي لاءِ متعلقه آفيسر پولنگ اسٽيشنن جو دورو ڪري انهن بابت رپورٽ پيش ڪن. جيڪي پولنگ اسٽيشنون حساس، انتهائي حساس ۽ نارمل آهن انهن بابت به رپورٽ ڏين ته جيئن انهن جي کوٽ واڌ کي وقت سر پورو ڪري سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ آر ٽي سيڪريٽري وسيم احمد ميمڻ کي هدايت ڪئي ته اليڪشن لاءِ گهربل ٽرانسپورٽ جو بندوبست ڪيو وڃي. هن چيو ته پولنگ اسٽيشنن ۾ جتي به ڪم رهيل آهي ته ان کي جلد کان جلد مڪمل ڪرايو وڃي. گڏجاڻيءَ سان ڳالهائيندي ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر عمران خان چيو ته ايندڙ جنرل اليڪشن ۾ ضلعي شڪارپور جي سمورين پولنگ اسٽيشنن تي پوليس عملدار پنهنجون ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا ۽ کٽل نفريءَ بابت اعليٰ عملدارن کي هڪ خط لکي نفريءَ جو پورائو ڪيو ويندو.گڏجاڻيءَ سان ڳالهائيندي ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر وقار احمد شاهه چيو ته اسان مختلف ادارن جي ملازمن کي اليڪشن بابت ٽرينگ ڏني آهي. هن چيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پرزائيڊنگ آفيسر ۽ اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسرن کي ٽرينگ ڏينداسين. هن چيو ته جيڪي ٽرينگ ۾ شامل نٿا ٿين ۽ ٽرينگ ڪري پوءِ ڊيوٽي جيڪي نه ڪندا انهن جي خلاف انهن جي ڊپارٽمينٽ کي ليٽر جاري ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شڪارپور
جنرل اليڪشن
election 2024
0 تبصرے