English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستي سان ملڪ اڳتي وڌي سگهي ٿو: اياز لطيف پليجو
views
|
07th Jan 2024
•
سنڌي خبرون
آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستي سان ملڪ اڳتي وڌي سگهي ٿو: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد (بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي صدارت هيٺ اليڪشن جي تياري ڪميٽي جو اھم اجلاس حيدرآباد ۾ ٿيو. سنڌياڻي تحريڪ، سنڌي گرلس اسٽونڊٽس تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ، سنڌي شاگرد تحريڪ جون مختلف ڪميٽيون ٺاھيون ويون آهن جيڪي پي ايس 60 قاسم آباد حيدرآباد، پي ايس 61 ٻھراڙي حيدرآباد، پي ايس 62 حيدرآباد ۽ اين اي 218 حيدرآباد تي گھر گھر وڃي اليڪشن مھم ھلائيندا.اجلاس کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستي سان ملڪ اڳتي وڌي سگهي ٿو. اسين چاھيون ٿا تہ ايوانن ۾ سنڌ جو حقيقي عوام چونڊجي اچي، جيڪو ھن ڦرلٽ جو نظام بند ڪري سگھي ۽ عوام کي پنھنجا لٽيل حق واپس موٽائي سگھي. پيپلز پارٽي ۽ زرداري ٽولو اليڪشن ويجھو ڏسي سنڌ ڪارڊ کيڏي ووٽ ميڙيندي آھي، پر ھن وقت سنڌ ۾ وڏي تبديلي جي لھر اٿي رھي آھي. 8 فيبروري تي سنڌي ماڻهو پنهنجي ووٽ ذريعي سنڌ جي وسيلن کي تين وال ڪندڙ پيپلزپارٽي ۽ ڪرپٽ زرداري مافيا کي رد ڪري ڇڏيندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سردار، جاگيردار، سرمائيدار ۽ امير ماڻھن اليڪشن ۾ ڪروڙين روپيا سيڙپڪاري ڪري حڪومت ۾ اچي ڪرپشن ذريعي ٻيڻي دولت ڪمائين ٿا. اليڪشن سسٽم شفاف ناھي، جيڪو جيترو طاقتور آھي، اھو ان حساب سان ڌانڌلي ڪري ٿو ۽ پنھنجي ڪاميابي کي پئسي جي طاقت تي مينيج ڪري وٺي ٿو. اھو نظام جمھوريت دشمن نظام آھي، ان کي ختم ڪرڻ کانسواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي پنھنجي گذريل پندرهن سالن جي حڪمراني دوران عوام کي اڻپڙھيو،بيخبر ۽ سياست کان لاتعلق بنائي سنڌ ۽ ملڪ کي لٽيو، ھٿ وٺي ڊرينيج، صفائي، تعليم، صحت، ايريگيشن سميت ٻيا بنيادي مسئلا حل نہ ڪيا تہ جيئن سنڌ جو ڪروڙين عوام انھن مسئلن ۾ ڦاٿل رھي ۽ انھن حڪمرانن جي ڪرپشن، ڦرلٽ تي ڪو ڌيان نہ ڏئي.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ بدامني ٻيھر وڌي وئي آھي.چوريون،ڦرون جا واقعا عروج تي آھن وڏي تعداد ۾ ماڻھو اغوا ٿي رھيا آھن شھرن ۽ ڳوٺن جا روڊ رستا ڏوھارين جي حوالي ٿيل آھن. پوليس ڏوھارين اڳيان بيوس لڳي پئي آھي. بدامني ۾ واڌ سبب سنڌ ۾ غنڊہ راڄ قائم ٿيل آھي سنڌ جي عوام کي ڏوھارين، ڀوتارن، لٺ سردارن جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو آھي، چوريون، ڦريون، اغوا واقعا عروج تي آھن بدامني ۾ ملوث ماڻھن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي.اجلاس ۾ قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو،الطاف خاصخيلي شوڪت سريوال، شوڪت تونيو معشوق چانڊيو،آزاد ميرواھي، نظير بليدي بابو ميمڻ، وھاب ڪنراڻي، طارق رند ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
25th Jul 2025
•
تازہ ترین
گھوٹکی: ٹک ٹاکر ثمیرا ملک کی لاش برآمد، ورثاء کا قتل کا شبہ، دو افراد گرفتار
25th Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
انسانيت جو قتل دھشتگردي نام نهاد غيرت
25th Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن تي تشدد آمريت جي ياد تازي ڪري ڇڏي
25th Jul 2025
•
سندھ
شرح سود 6فیصد تک لایا جائے تاکہ قرضے سستے ہوں اور صنعت ترقی کر سکے،ملک خدا بخش
27th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ڀرسان مختلف ڳوٺن ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو
27th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز ۾ ڳوٺ سهراب مري واسي نواب مري خلاف 17هين ڏينهن به سراپا احتجاج
27th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ آمريڪي پرڏيھي کاتي جي سھڪار سان تربيتي ورڪشاپ, راجوير سنگھ سوڍا جي خاص طور شرڪت
27th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ لاء اعزاز، سنڌي بزنس مين فرمان علي عالمي بزنس فورم جو ميمبر چونڊجي ويو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ
اياز لطيف پليجو
0 تبصرے