English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ ٿرپارڪر جو اجلاس وجئہ ساگر جي صدارت هيٺ ٿي گذريو
143 views
|
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ٿرپارڪر جو ڪوئلو ۽ ٻيا وسيلا لٽي بدلي ۾ بک، بدحالي ۽ خودڪشيون ڏنيون ويون آھن: اڳواڻ
مٺي(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ ٿرپارڪر جو اجلاس مٺي شھر جي پرمار ڪالوني ۾ ضلعي نائب صدر وجئہ ساگر جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي خصوصي شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ ضلعي جي تنظيمي ۽ سياسي صورتحال جو جائزو وٺي تنظيم سازي کي تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ 15 نومبر تي ننگرپارڪر ۾ سنڌ دشمن منصوبن خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي صدارت م جلسه عام ڪيو ويندو. جڏھن تہ تنظيم سازي جي سلسلي ۾ 3 آڪٽوبر تي اسلام ڪوٽ تعلقي جو اجلاس، 5 آڪٽوبر تي مٺي تعلقي جو اجلاس، 11 آڪٽوبر تي ننگرپارڪر، 12 آڪٽوبر تي ڇاڇرو، 19 آڪٽوبر تي ڪلوئي ۽ ڏيپلو تعلقن جا اجلاس طلب ڪري ذميوار مقرر ڪيا ويا. اجلاس کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجي چيو تہ ٿرپارڪر جو ڪوئلو ۽ ٻيا وسيلا لٽي بدلي ۾ بک، بدحالي ۽ خودڪشيون ڏنيون ويون آھن. ٿرڪول جي بجلي ذريعي پنجاب ۾ روشني آھي پر ٿرپارڪر جا ڳوٺ بجلي کان محروم آھن. ٿرڪول ۾ اھم نوڪرين لاءِ مقامي نوجوانن لاءِ دروازا بند آھن. ڪجھ عورتن کي ڊرائيونگ ۽ ننڍيون نوڪريون ڏئي دنيا کي ھاٿي وارا ڏند ڏيکاريا ويا آھن. دنيا ۾ ڪوئلي جو سڀ کان وڏو ذخيرو سنڌ وٽ ٿر ۾ آھي پر سڀ کان وڌيڪ غربت بہ ٿرپارڪر ۾ آھي. ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ دشمن منصوبا آھن. پيپلز پارٽي ٿر سميت سنڌ جا وسيلا ڏئي اقتدار خريد ڪيو آ ھي. ڪارونجھر مزاحمت ۽ ھزارين سالن جي تھذيب جو اھڃاڻ آھي. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي خطاب ڪندي چيو تہ ٿرپارڪر ۾ آر او پلانٽ بند پيا آھن. اينگرو کانسواء سڄي ضلعي جا روڊ تباھ آھن. پرامن خطي کي منشيات، چورين ۽ جھنگلي جيوت جي شڪارگاھ بنايو ويو آھي. ضلعي نائب صدر وجئہ ڪمار چيو تہ ٿرپارڪر کي يونيورسٽي ۽ سمورن تعلقن م لائبريريون ڏئي اعلي تعليم جي سھولت ڏني وڃي. چوپايو مال بيمارين سبب مري رھيو آھي. جنرل سيڪريٽري پرشوتم پرمار خطاب ڪندي چيو تہ حڪمران ٿر جي تباھي کان لاتعلق آھن. ڪرپشن ذريعي ٿر کي لٽيو پيو وڃي. پيپلز پارٽي حڪومت ۾ سڄي ٿر جا روڊ ختم ٿي ويا آھن. ننگر پارڪر ۾ 15 نومبر تي اياز لطيف پليجو صدارت م جلسو ٿر جو آواز بڻجندو. اجلاس ۾ سريش پرمار، محمد نھڙي، روشن بجير، ڪرشن پرمار، مجنون نھڙي، مناف نھڙي، ڪيولرام، صدر اوٺو، غلام حسين پاڙھو، جادو، اڪبر علي، پرشوتم پرمار، موھن سوجاڻي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
مٺي
قومي عوامي تحريڪ ٿرپارڪر
0 تبصرے