نوشھروفيروز ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو جنم ڏھاڙو ملھايو ويو، تقريب منعقد

نوشھروفيروز ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو جنم ڏھاڙو ملھايو ويو، تقريب منعقد

نوشھروفيروز ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو جنم ڏھاڙو ملھايو ويو، تقريب منعقد

نوشهروفيروز(ڊ ر)پاڪستان پيپلز پارٽي سٽي نوشهروفيروز پاران قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 96 هين سالگره پير هائوس ۾ ملهائي وئي سالگره تقريب ۾ پ پ پ سٽي جي صدر پير خالد سيف الله پ پ تعلقي جي قائم مقام صدر ڊاڪٽر نور مورو پ پ تعلقي جي اڳوڻي صدر شهيد خليفه شڪيل ميمڻ جي ڌيءُ نساء خليفه ميمڻ سپاف جي ضلعي صدر عبيد ميمڻ ڪائونسلرن رميز احمد ميمڻ محمد قاسم راڄپر ڪائونسلر غلام سرور مري عرفان تڳر , جڙيل رند , صادق راجپوت , اقليتي ڪائونسلر جيسا رام , وحيد تڳر , لياقت کوسو , جبار خانزاده , پ پ سٽي عهديدار صداقت شاه , علي اڪبر چانڊيو , ربنواز مغل , بادشاه لاکير , جاويد رئيس خانزاده , عطاحسين سمون ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پ پ سٽي نوشهروفيروز جي صدر پير خالد سيف الله چيو ته اسان کي فخر آهي ته اسان ايشيا جي عظيم ليڊر جا پيروڪار آهيون جنهن ملڪ کي 73 جو مڪمل آئين ڏنو ۽ وقت جي آمرن سان مهاڏو اٽڪايو ۽ ملڪ کي ائٽمي طاقت سان نوازيو ۽ ملڪي عوام کي ظلم سان ويڙه ڪرڻ لاء شعوري طاقت ڏني ان موقعي تي خليفه نساء ميمڻ چيو ته اسان جو قائد بهادر ليڊر هجڻ سان گڏ غريب هارين جو هڏڏوکي هو جنهن عوام جي دلين ۾ گهر ٺاهي ورتو آهي