ٺٽي جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ ننڍي عمر جي شادين بابت شڪايتي ڊيسڪ قائم

ٺٽي جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ ننڍي عمر جي شادين بابت شڪايتي ڊيسڪ قائم

ٺٽي جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ ننڍي عمر جي شادين بابت شڪايتي ڊيسڪ قائم

شڪارپور (احسان ابڙو ) تعمير خلق فائونڊيشن ٺٽي پاران سيو دي چلڊرين جي سھڪار سان ننڍپڻ جي شادين جي روڪ ٿام لاءِ ضلعي سطح تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ٺٽي ۾ شڪايتي ڊيسڪ قائم ڪري ڇڏيو 18 سالن کان گھٽ عمر جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جون شاديون قانوني ڏوھ آھن ۽ ننڍي عمر ۾ شادي ڪرڻ سان صحت متاثر رھي ٿي، 1121 تي ڪال ڪري يا لکت ۾ درخواست داخل ڪري آگاھي ڏئي سگھجي ٿي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ٺٽو خالد شاھاڻي جي اڳواڻي ۾ ڊيسڪ جو افتتاح ڪيو ويو جتي ايڊيشنل سيشن جج محمد محبوب اعواڻ، چائيلڊ پروٽيڪشن آفيسر ٺٽو مھرين اقبال سومرو، ايڊيشنل ڊائريڪٽر نياز ميمڻ، ڊي اي او سيڪنڊري حضور بخش خاصخيلي، ڊي اي او پرائمري نظام الدين کڏائي، آر ايس يو فضل بلوچ، ٽي ڪي ايف پراوينشل ڪوارڊينٽر ساجد خان ۽ نگھت سلطانه شرڪت ڪئي، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ٺٽي جي ڪميٽي روم ۾ گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي جتي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ٺٽو ڊيسڪ بابت جوڙيل قانوني طريقيڪار ۽ مسودو پيش ڪيو ان موقعي تي نگھت سلطانه ۽ مھرين اقبال سومرو بريفنگ ڏيندي چيو ته سنڌ چائيلڊ پروٽيڪشن ايڪٽ 2013 ننڍپڻ جي شادين جي روڪٿام لاء واضح طور تي موجود آھي جنھن ۾ سختي سان منع ڪيل آھي تہ 18 سالن کان گھٽ عمر وارن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو شاديون قانوني ڏوھ آھن جنھن جي 2 سالن تائين قيد جي سزا ۽ ڏنڊ لڳي سگھي ٿو ڊيسڪ جي نگراني ڪرڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ٺٽو جي نگراني ۾ 4 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي جنھن ۾ سيشن جج چيئرمين ميمبرن ۾ ايس ايس پي ٺٽو، چائيلڊ پروٽيڪشن آفيسر ٺٽو ۽ تعمير خلق فائونڊيشن جو نمائندو شامل ھوندا چائيلڊ پروٽيڪشن آفيسر ٺٽو مھرين اقبال ضلعي مان ننڍي عمر جي شادين واري شڪايتن تي فوري طور تي ريسپانس ڏيندي ۽ سموريون ايندڙ شڪايتن کي قانوني طريقيڪار سان ازالو ڪرائيندي، چائيلڊ پروٽيڪشن آفيسر ضلعي ۾ سجاڳي مھم جا تربيتي ورڪشاپ به آرگنائيز ڪري ماڻھن ۾ ٻارن جي حقن ۽ ننڍپڻ جي شادين جي روڪٿام بابت آگاھي فراھم ڪندي. ان موقعي تي نگھت سلطانه ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته تعمير خلق فائونڊيشن ٺٽي ضلعي ۾ ڳوٺاڻي سطح تي ٻارن جي حقن، ننڍپڻ جي شادين ۽ انھن خلاف شڪايت درج ڪرائڻ بابت آگاھي مھم سيشن ڪرايا آھن ھاڻي ضلعي سطح تي ننڍپڻ جي شادين جي روڪٿام لاء ڊيسڪ قائم ڪرايو آھي جيئن ھتان جا ماڻھو ننڍپڻ جي شادين خلاف پنھجون شڪايتون درج ڪرائي سگھن ۽ انھن جي روڪٿام ڪرائي سگھون.