چهرن جي نه بلڪه نظام جي تبديليءَ سان ئي ملڪ ترقي ڪري سگھندو: ممتاز حسين سهتو

چهرن جي نه بلڪه نظام جي تبديليءَ سان ئي ملڪ ترقي ڪري سگھندو: ممتاز حسين سهتو

چهرن جي نه بلڪه نظام جي تبديليءَ سان ئي ملڪ ترقي ڪري سگھندو: ممتاز حسين سهتو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير ممتاز حسين سهتو چيو آهي ته چهرن جي نه بلڪه نظام جي تبديليءَ سان ئي ملڪ ترقي ۽ عوام جا بنيادي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، 08 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ عوام ڪرپٽ ٽولي کي مسترد ڪري ديانتدار قيادت کي اڳتي آڻي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ اين اي 229 تي نامزدگي فارم درست قرار ڏيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته 75 سالن کان ڌارين جي ڳيجهو بڻيل حڪمران ٽولي ۽ مُدي خارج نظام عوام جو استحصال ڪيو آهي، جنهن کان نجات جو واحد رستو وطن دوست ۽ ديانتدار قيادت جي چونڊ آهي انڪري عوام 08 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ عدل ۽ انصاف جي نشان “ ساهمي” تي ٺپو هڻي انقلاب جو آغاز ڪري ۽ 77 سالن کان استحصال ڪندڙ ڪرپٽ ٽولي کان ووٽ ذريعي انتقام وٺي سندن سياست کي دفن ڪري ڇڏي. #