نوشهروفيروز جي شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾ ليڪچر پروگرام منقعد

نوشهروفيروز جي شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾ ليڪچر پروگرام منقعد

نوشهروفيروز جي شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾ ليڪچر پروگرام منقعد

نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز جي شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾ سماجي تنظيم پهل پاڪستان پاران انساني حقن بابت هڪ روزه ليڪچر پروگرام منقعد ڪيو ويو جنهن ۾ يونيورسٽي جي شاگردن کي انساني حق ڪيئن حاصل ڪري سگهجن ٿا ان بابت ڄاڻ ڏني وئي ان موقعي تي ورڪشاپ کي خطاب ڪندي پهل پاڪستان جي ضلعي ڪوآرڊينيٽر ميڊم ذويا لاڙڪ , مهمان اسپيڪر غلام محمد گل ميمڻ , يونيورسٽي جي فوڪل پرسن ڪامران خان ٻوهيو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته هن جديد دور ۾ به انسان پنهنجي حقن کان محروم بڻيل آهي اڳ جڏهن دنيا ۾ انساني حقن بابت ڪي به تنظيمون ڪم نه ڪنديون هيون ان وقت عام انسان کي ان انساني حقن بابت ڄاڻ نه هوندي هئي پر هاڻي دنيا تيزيء سان اڏام ڪري رهي آهي پر پوء به اڪثريت انسانن جي پنهنجي جائز حقن کي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام آهي هنن چيو ته پهل پاڪستان ضلعي نوشهروفيروز ۾ انساني حقن بابت پنهنجو ڪردار بهتر طريقي نڀائي رهي آهي ۽ ڄاڻ پئي ڏئي ته پهريان ته انسان جا حق ڪهڙا آهن ۽ پوء انهن کي هن جديد ٽئڪنالوجي واري دور ۾ پنهنجا حق ڪيئن حاصل ڪري سگهجن ٿا ايئن نوجوانن کي ڄاڻ ڏيڻ سان ئي هر ماڻهو پنهنجا حق حاصل ڪري سگهي ٿو جيئن دنيا جي ٻين ملڪن ۾ انسانن کي حق حاصل آهن ان موقعي تي سريا عباسي , جاويد بلر , علي اڪبر کوکر , امير علي راڄپر ۽ صفدر علي وسطڙو خطاب ڪيو ۽ پروگرام ۾ حصو وٺندڙ کي سرٽيفيڪٽ ڏنا ويا