پ پ ٺٽي جي اڳواڻ رسول بخش جاکرو پارٽي عھدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، آزاد اميدوار طور اليڪشن وڙھڻ جو اعلان

پ پ ٺٽي جي اڳواڻ رسول بخش جاکرو پارٽي عھدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، آزاد اميدوار طور اليڪشن وڙھڻ جو اعلان

پ پ ٺٽي جي اڳواڻ رسول بخش جاکرو پارٽي عھدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، آزاد اميدوار طور اليڪشن وڙھڻ جو اعلان

ٺٽو(شفيق ڀٽي) پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي ٺٽي جو اهم اڳواڻ پيپلزپارٽي ٺٽو جي فناس سڪريٽري وڏيري رسول بخش جاکرو پاران عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ اهم پريس ڪانفرنس پيپلزپارٽي ٺٽو جي فناس سڪريٽري جي عھدي تان استعيفا جو اعلان ڪندي چيو آھي ته پيپلز پارٽي ٺٽو جي ضلعي قيادت ۽ ڪرتا ڌرتائن گذريل 15 سالن کان عوامي ڪم ناهن ڪيا ماڻهن کي مڪمل نظر انداز ڪيو ويو آهي هن چيو ته منھنجي برادري ۽ دوستن سميت ڪنھن جو ڪو به ڪم نه ڪيو ۽ ترقياتي ڪمن ۾ به نظر انداز ڪيو ويو ھن وڌيڪ چيو ته فلحال آئون آزاد حيثيت سان ايم اين اي جي سيٽ تي فارم جو اعلان ڪيو آهي باقي ٻيا به دوست رابطي ۾ آھن ۽ جلد ھڪ وڏو عوامي اتحاد جوڙينداسين جنهن ۾ سموري دوستن جي را۽ مشاورت سان ڪنهن ٻئي پارٽي ۾ شموليت ٿي سگهي ٿي ھن وڌيڪ چيو اسان کي ماڻهون ووٽ ڏين ٿا اسان انهن جا ڪم نه ڪري سگهون ته اها ڪهڙي عوامي خدمت چئي سگهجي ٿي جنهن پارٽي جي عهدي تي هوندي به ماڻهن جا ڪم نه ٿين اهڙي زميواري نٿا نڀائي سگهون پيپلزپارٽي جي عهدي تان استيفا ڏئي پنهنجو سياسي راهون الڳ ڪندڙ سردار رسول بخش جاکرو چيو ته اسان پنهنجي طرفان وس آهر اڳ به عوامي خدمتون ڪيون آهن اڳتي به عوامي خدمتون جاري رکيون وينديون ،ھن چيو ته ضلعي ٺٽي جون سڀ برادريون مون لا قابل احترام آھن انشاالله اليڪشن ۾ ڪاميابي ماڻي ٺٽي جي مظلوم ۽ غريب ماڻهن جي خدمت جاري رکندس