نوشھروفيروز ۾ سنڌو نواز گھانگھرو، غزالا پنھور ۽ ٻين اميدوارن فارم جمع ڪرائي ڇڏيا

نوشھروفيروز ۾ سنڌو نواز گھانگھرو، غزالا پنھور ۽ ٻين اميدوارن فارم جمع ڪرائي ڇڏيا

نوشھروفيروز ۾ سنڌو نواز گھانگھرو، غزالا پنھور ۽ ٻين اميدوارن فارم جمع ڪرائي ڇڏيا

نوشهروفيروز(ڊ ر) عام چونڊن لاءِ ضلع اندر سياسي سرگرميون عروج تي پھچي ويون آھن. نامزدگي فارم ڀرائڻ واري آخري ڏينھن تي اميدوارن جي رش رھي. اين اي 205 تي 28 اميدوارن نامزدگي فارم جمع ڪرايا آھن. اين اي 206 تي 23 اميدوارن نامزدگي فارم جمع ڪرايا. پي ايس 32 تي ٻن عورتن سنڌو نواز گھانگھرو ۽ جي يو آئي جي ڇٽڻ خاصخيلي سميت 29 اميدوارن، پي ايس 33 تي ھڪ عورت غزالا پنھور ايڊووڪيٽ سميت 30 اميدوارن، پي ايس 34 تي 34 اميدوارن، پي ايس 35 تي جماعت اسلامي جي عورت اميدوار سھانا آرائين سميت 24 اميدوارن نامزدگي فارم جمع ڪرايا آھن. جنھن مطابق مک اميدوارن ۾ اين اي 205 تي پ پ جي ابرار علي شاھ، جي ڊي اي ڊاڪٽر عبدالستار راڄپر، سيد ظفر علي شاھ، عثمان عالماڻي، ظھير علي شاھ، سيد اصغر علي شاھ، شڪيل جلباڻي، گل حسن مشوري، غزالا پنھور ۽ اين اي 206 تي مک اميدوارن ۾ جي ڊي اي جي مسرور خان جتوئي، مرتضي خان جتوئي، پ پ جي فيروز جمالي، ذوالفقار بھڻ، پي ٽي آئي جي امان قاضي ۽ ٻيا شامل آھن. پي ايس 32 تي مک اميدوارن ۾ پ پ جو سيد سرفراز حسين شاھ، عثمان عالماڻي، پ پ مخالفت ۾ سيد ظفر علي شاھ، الاھي بخش منڱريو، سنڌو نواز گھانگھرو، ڇٽڻ خاصخيلي ۽ ٻيا شامل آھن. پي ايس 33 تي مک اميدوارن ۾ سيد حسن علي شاھ، مراد علي شاھ، ظھير علي شاھ، سيد الھندو عرف ظفر علي شاھ، ڊاڪٽر عبدالستار راڄپر، سيد امير علي شاھ، مسرور راڄپر، گل حسن مشوري، متحده جو سجاد حسين سرويا، نواز ليگ جي شڪيل جلباڻي، فياض حسين لاکو ۽ ٻيا شامل آھن. پي ايس 34 تي مک اميدوارن ۾ پ پ جو ممتاز علي چانڊيو، جي ڊي اي شاھنواز خان جتوئي، بلال خان جتوئي، مسرور جتوئي، پي ٽي آئي جي فاروق احمد ڏنگراج، حبيب الله مري ۽ ٻيا شامل آھن. پي ايس 35 تي مک اميدوارن ۾ پ پ جي ضياءَ الحسن لنجار، جي ڊي اي بلال خان جتوئي، مسرور جتوئي، عوامي تحريڪ غلام رسول ڀنگر، پي ٽي آئي جي حبيب مھظر ۽ جماعت اسلامي جي سھانا آرائين شامل آھن. نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ بعد جي ڊي اي اميدوار مسرور خان جتوئي چيو ته پ پ بوکلاھٽ جو شڪار آھي. 15 سالا ڪارڪردگيءَ تي عوام پڇاڻو ڪندو. ھن چيو ته جي ڊي اي سڄي سنڌ ۾ اميدوار بيهاريا آھن نوازليگ سيٽ ايڊجسمينٽ ٿي سگھي ٿي. چونڊن کي شفاف بنائڻ لاءِ فوج جو ھجڻ ضروري آھي.