نوشھروفيروز ۾ سماجي تنظيم سمر پاران تمباڪو نوشي بابت ھڪ ڏينھن وارو ورڪشاپ منعقد

نوشھروفيروز ۾ سماجي تنظيم سمر پاران تمباڪو نوشي بابت ھڪ ڏينھن وارو ورڪشاپ منعقد

نوشھروفيروز ۾ سماجي تنظيم سمر پاران تمباڪو نوشي بابت ھڪ ڏينھن وارو ورڪشاپ منعقد

۽ ٻيا شريڪ نوشهروفيروز (ڊ ر) سماجي تنظيم سمر پاران تمباڪو نوشي جي خاتمي لاء هڪ روزه ورڪشاپ ٽوبيڪو ڪنٽرول سيل سنڌ , ڊي جي هيلٿ سنڌ ۽ سوسائٽي فار الٽرنيٽو ميڊيا اينڊ ريسرچ جي گڏيل تعاون سان منقعد ڪيو ويو هي ورڪشاپ تمباڪو نوشي جي خاتمي ۽ ان جي قانون جي بابت آگاهي ڏيڻ لاء ڪوٺايو ويو ورڪشاپ ۾ سمر سماجي تنظيم جي ڪوآرڊينيٽي عاصمه بي بي ,فوڪل پرسن ٽوبيڪو ڪنٽرول سيل سنڌ ڊاڪٽر ذوالفقار ڌاريجو , تنوير قائمخاني , ڊي ايڇ او ڊاڪٽر لال جعفر خان , ايڊيشنل هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر عمير وهاب , ڊاڪٽر اعجاز ميمڻ , ضلعي گورنمينٽ جي نمائندي ڊي جي ريسرچ اينڊ ايگريڪلچر ٽنڊو ڄام جي نمائندي ۽ مختلف کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي مقررن چيو ته پاڪستان ۾ سالانه تقريبن 163000 ماڻهو تمباڪو جي استعمال ڪرڻ سبب زندگيون وڃائي ويهن ٿا جڏهن ته قومي سطح تي 615 ارب روپيا اضافي بوجھ صحت کاتي کي کڻڻو پوي ٿو تمباڪو جي استعمال سان ڳلي ۽ مُنهن جي ڪينسر , ڦڦڙن ۽ دل جي مرضن ۾ اضافو ٿئي ٿو هنن چيو ته انهيء کان به وڌيڪ خطرناڪ اها ڳالھ آهي ته ملڪ اندر روزانه جي بنياد تي 15 سالن جي عمر جا 1200 کان 1500 ٻار تمباڪو نوشيء جو استعمال ڪري رهيا آهن ان لاء سنڌ حڪومت کي گهرجي ته انهن مشڪل حالتن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاء سڀني ادران کي هڪ پيج تي آڻي تمباڪو جي خلاف مهم هلائي صوبي واسين کي انهيء تمباڪو واري لعنت کان محفوظ رکي ته جيئن پنهنجو صوبو ۽ ملڪ تمباڪو نوشيء کان پاڪ ٿي وڃي اهو تڏهن ئي ٿي سگهي ٿو ته جڏهن ٽوبيڪو انڊسٽريز ۽ انهن جي گروپن تي نظر رکبي ۽ سول سوسائٽي صوبي اندر ان حوالي سان ڄاڻ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي