English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏھرڪي ۾ الخدمت فائونڊيشن پاران انسانيت جي نالي هڪ شام منعقد
121 views
|
22nd Dec 2023
•
سنڌي خبرون
ڏھرڪي ۾ الخدمت فائونڊيشن پاران انسانيت جي نالي هڪ شام منعقد
ڏھرڪي (عمران علي ملڪ )انسانيت جي نالي تي هڪ شام، الخدمت فائونڊيشن سڄي ملڪ وانگر ضلعي گهوٽڪي ۾ به خدمت خلق ۾ مصروف آهي الخدمت جي خدمتن کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ الخدمت فائونڊيشن پاران گرانڊ مارڪي ميريج هال ڏهرڪي ۾ ڊنر جو پروگرام منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ صحت، يتيم ٻارن جي ڪفالت، صاف پاڻي، قدرتي آفتن ۾ متاثرن جي مدد، تعليم ۽ تفريح جي ست شعبن جي سالياني ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته الخدمت اسپتال جي 24 ڪلاڪ ايمرجنسي سروس، 24 ڪلاڪ ايمبولينس سروس، 24 ڪلاڪ ليب 50 سيڪڙو رعايت تي ۽ 24 ڪلاڪ الخدمت فارميسي جي 12 کان 14 سيڪڙو رعايت، 350 يتيم ٻارن جي اسپانسر ڪرڻ جو هڪ وڏو پروگرام هلندڙ آهي جنهن ۾ يتيم ٻار آغوش ڪاليج مري ۽ آغوش ڪاليج هالا حيدرآباد سميت ڏهرڪي شهر جي سٺ 60 پرائيويٽ اسڪولن ۾ معياري تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. الخدمت فائونڊيشن سال 2015 کان انهن سڀني ٻارن جي تعليم، خوراڪ ۽ بهتر مستقبل لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. سماجي خدمت ڊپارٽمينٽ پاران غريب ۽ مسڪين خاندانن ۾ مفت راشن جي ورهاست، مستحق معذورن ۾ ويل چيئرز ۽ سياري جي موسم ۾ غريب خاندانن ۾ گرم ڪپڙا ۽ ڪمبل ورهايا ويندا آهن. صاف پاڻي جا پلانٽ لڳائي عوام کي صاف پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، جنهن سان هزارين ماڻهو بيمارين کان بچي رهيا آهن. قدرتي آفتن، برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال ۾ بي گهر ماڻهن لاءِ خشڪ راشن، مفت طبي ڪئمپون، خيما ۽ گهر ٺاهي هزارين ضرورتمندن جي مدد ڪئي، روزگار پروگرام تحت ننڍڙن واپارين کي بنا سود جا قرض ڏنا ويندا آهن پروگرام ۾ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ يتيم ٻارن جي سار سنڀال، اسپتالن ۽ سماجي خدمتن جي لاءِ01 ڪروڙ25 لک روپين کان وڌيڪ عطيو ڏيڻ جو واعدو ڪيو، جنهن ۾ اڳ ۾ ئي اسپانسر ٿيل ٻارن جي بحاليءَ جو ڪم شامل ڪيو ويو. هن پروگرام ۾ خاص مهمان الخدمت فائونڊيشن پاڪستان جي نائب صدر عبدالشڪور انجنيئر عمر فاروق نائب صدر الخدمت فائونڊيشن سنڌ ريجن، ردا زهرا ٽالپر اسسٽنٽ ڪمشنر خانڳڙهه، پروفيسر محمد دين راڄڙي، ساجد علي دايو صدر الخدمت فائونڊيشن ضلعي گهوٽڪي، محمد ذيشان نائب صدر الخدمت فائونڊيشن ضلعي گهوٽڪي, مفتي محمد يوسف مزاري امير جماعت اسلامي ضلع گهوٽڪي، تشڪیل احمد صديقي نائب امير جماعت اسلامي ضلعي گهوٽڪي شرڪت ڪئي ۽ شريڪ ٿيل مھمانن لاءِ ڊنر جو پڻ خاص انتظام ڪيو ويو ۽ اداري جي ڪاميابي لاءِ خصوصي دعا سان پڄاڻي ڪئي وئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Apr 2026
•
سندھ
ٹھری میرواہ تھانے میں پولیس اہلکار اور عورت سمیت 4 ملزمان کے خلاف ویڈیوز بنانے، بلیک میل اور زیادتی کے 3 الگ الگ مقدمات درج
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
سندھ بهر میں احتجاج: عوام پیٹرولیم مصنوعات کی قیمتوں میں اضافے کے خلاف سڑکوں پر نکل آئے
03rd Apr 2026
•
تازہ ترین
زمینی کارروائی کی صورت میں کوئی بھی امریکی اور اسرائیلی فوجی زندہ واپس نہیں جائے گا: ایرانی فوجی سربراہ
03rd Apr 2026
•
دنیا
ایران جنگ پر اختلاف؟ ٹرمپ نے آرمی چیف کے بعد اٹارنی جنرل کو بھی ہٹا دیا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کي رد ڪري ڇڏيو
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ به پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پئٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي
03rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪي آبادي قرض ۾ ٻڏندي پئي وڃي ۽ ملڪ جا حڪمران ڪرپشن ڪري عياشيون ڪري رهيا: زين شاھ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڏھرڪي
انسانيت جي نالي
الخدمت فائونڊيشن
ملڪ وانگر ضلعي گهوٽڪي
0 تبصرے