سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي سڏ تي نوشهرو فيروز ۾ بھ احتجاجي مظاھرو

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي سڏ تي نوشهرو فيروز ۾ بھ احتجاجي مظاھرو

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي سڏ تي نوشهرو فيروز ۾ بھ احتجاجي مظاھرو

نوشهروفيروز (ڊر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي نوشهرو فيروز پاران مرڪزي سڏ تي پريس آڏو احتجاج ڪيو ويو احتجاج جي اڳواڻي ايس يو تعلقه صدر مهر علي وسطڙو، جنيد وسطڙو، ثمر سنڌي، ذيشان علي، فرمان نول، آصف حسيني ،طالب مبيجو، صفد وسطڙو ۽ ٻيا ڪري رهيا هيا ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ترقي جي نالي تي سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ مخصوص ڪمپني جي حوالي ڪرڻ جي سخت مذمت ڪيون ٿا ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي لا اينڊ فورس اداري جي مخصوص ڪمپني کي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ 52 هزار 700 ايڪڙ زمين ڏيڻ جي تياري هلي رهي آھي اسين پاڪستان سميت سنڌ جي ترقي جا مخالف ناهيون پر اهڙي ترقي جيڪا ملڪ جي عوام کي بي گھر ڪري خاص ڪري سنڌ جي عوام کي اسين اھڙي ڪنھن به منصوبي کي قبول نه ڪنداسين جيڪو منصوبو صوبائي خودمختياري کسي ۽ سنڌ تي قبضي جي سوچ پيدا ڪري سنڌ جي وسيلن تي والار آھي اسان سمجهون ٿا ته اھو پروجيڪٽ گرين پاڪستان جو منصوبو ناهي پر اهو منصوبو ڪجهه طاقتور قوتن کي رشوت ڏيڻ آھي ۽ انهن جي ڪاري ناڻي کي سفيد ڪرڻ جو منصوبو آهي ان منصوبي ذريعي طاقتور ادارن کي ملڪ جي وسيلن تي مڪمل قابض ڪرڻ جي منصوبابندي آهي جڏهن ته انهن زمينن تي سنڌ جي آبادگارن جو حق آھي اسان سنڌ جي عوام ۽ آباگارن سان گڏ آھيون سنڌ جي انچ انچ جي حفاظت جي لاءِ آخري دم تائين جدوجهد ڪنداسين آبادگارن سان رابطا ڪري وڌيڪ حڪمت عملي جوڙينداسين جڏهن ته سنڌ دشمن قووتون ۽ اقتدار جا بکيا اسٽيبلشمينٽ راضي ڪري انهن جي آشيوارد سان اقتدار تي قابض ٿيڻ چاهين ٿا، 15 سالن کان سنڌ کي لٽيندڙ ۽ تباهه ڪندڙ اڄ به بغير ڪنهن خوف جي اقتدار ۾ اچڻ لاء بارگنگ ڪري رهيا آھن اسان انهن کي قووتن کي ان منصوبي ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏيناسين ايس يو پي هنن کي چتاءُ ٿي ڏئي سنڌ جي وسيلن جي ڦر لٽ بند ڪري سنڌ جي زمينن تي والار بند ڪيو ٻي صورت ۾ اوهان جو گهيرو تنگ ڪيو ويندو.