English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽي جو اياز لطيف پليجي جي صدارت ۾ اجلاس
views
|
17th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽي جو اياز لطيف پليجي جي صدارت ۾ اجلاس
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس حيدرآباد ۾ پارٽي سربراھ اياز لطيف پليجو جي صدارت ۾ ٿيو، جنھن ۾ مرڪزي جنرل سيڪريٽري.ظھر راھوجو، سينيئر نائب صدر روشن ڪنراڻي، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، اشرف پليجو، ڊاڪٽر گلزار جماڻي، سڪندر لاشاري الطاف خاصخيلي ،ڪرڙ ريٻاري، شوڪت سريوال، شوڪت تنيو، خان سومرو، زينت سمون، رفيعہ پليجو ،منان شيخ، مير کوسو، امداد پنهور سميت سمورن مرڪزي ڪميٽي جي ميمبرن ۽ ضلعي صدرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ ۽ سنڌ جي صورتحال تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان ڀرپور اليڪشن وڙھڻ جو فيصلو ڪيو ويو. قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو پي ايس 60 قاسم آباد جي تڪ تي اليڪشن وڙهندو ۽ سنڌ جي مختلف تڪن تان قومي عوامي تحريڪ جا اڳواڻ اليڪشن وڙھندا. زمينن جي نيلامي، زرعي تباھي ۽ ڪوڙي آدمشماري خلاف قومي عوامي تحريڪ پاران 5،6،7جنوري کان سڄي سنڌ ۾ مظاھرن ۽ ريلين جو ڪڍڻ جو اعلان ڪيو اجلاس کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو تہ دنيا ۾ اليڪشن ڪارڪردگي جي بنياد تي وڙھي ويندي آھي سنڌ ۾ ۽ پاڪستان ۾ عوام جي راءِ تي ڌاڙا ھنيا وڃن ٿا. نتيجا تبديل ڪري عوام دشمن طاقتون اقتدار تي قابض ڪيون وڃن ٿيون. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ تمام گھڻي مھنگائي آھي، اٽو ۽ کاڌي پيتي جون شيون تمام گھڻيون مھانگايون ٿي ويون آھن. پيپلز پارٽي 15 سالن جي اقتداري دؤر ۾ ڪي بہ روزگار جا وسيلا پيدا نہ ڪري سگھي آھي. زرعي تباھي جي ڪري سنڌ ۾ بک ۽ بدحالي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي ڪرپشن ۽ اقتدار جي حوس ۾ سنڌ جي وحدت کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو. لکين ايڪڙ زمين، ڪوھستان، ساحلي پٽي ۽ وسيلا نيلام ڪيا ويا. سنڌ جو عوام بيدار ٿي چڪو آھي، ايندڙ اليڪشن ۾ ڪرپٽ مافيا کي شڪست ملندي. عوامي طاقت سان اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي حڪومت ٺاھينداسين. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي معيشت زراعت آھي. ڀاڻ ۽ ٻج جي کوٽ، نقلي دوائن ۽ پاڻي کوٽ جي ڪري سنڌ جي زراعت کي ڪاپاري نقصان ٿيو آھي. ھٿ وٺي آبادگارن ۽ ھارين کي بدحال ڪيو ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ افسوس جو 15 سالن جي حڪمراني ۾ سنڌ ۾ ڪا ھڪ بہ نئين يونيورسٽي قائم نہ ڪئي وئي. ڪنھن بہ ضلعي ۾ نئين صنعت نہ لڳي. تعليم جي تباھي، بيروزگاري، ڌاڙيل راڄ، نياڻين جو اغوا، قتل مقدر بنايا ويا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ انصاف جو نظام سست ھجڻ ڪري ماڻھو جرڳائي ۽ سرداري نظام جي پنجوڙ ۾ قيد آھن۔ عام ماڻھو انصاف جي انتظار ۾ زندگيون وڃائي ڇڏين ٿا، اسان وٽ قانوني ڪوريئڙي جي ڄار وانگر آھي جنھن کي طاقتور، وڏا ماڻھو ۽ حڪمران سدائين ٽوڙي بچي وڃن ٿا ۽ ڪمزور ۽ غريب ماڻھو ڦاسي وڃن ٿا۔ معمولي الزامن ۾ غريب ماڻھو جيلن ۾ زندگي وڃايو ڇڏين باقي حڪمران طبقو ڪرپشن ۽ دھشتگردي جي ڪيسن ۾ ملوث ھجڻ باوجود پڪڙ ۾ نٿو اچي۔ وڏن ماڻھن لاء قانون ناھي. انصاف جي نظام سان ڪرپشن ختم ٿيندي۔ تعليمي معيار وڌندو، صحت جو نظام بھتر ٿيندو۔ سڄو انفرااسٽڪچر معياري ۽ بھتر ٿيندو۔ انصاف جي قتل سان بدعنواني رھندي۔ ناانصافي ۽ دھشتگردي جو راڄ رھندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ مھنگائي غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. معاشي پاليسيون عوام دوست پورھيت دوست ناھن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
پاکستان
پاکستان سے امریکا منتقل ہونیوالی27 سالہ ڈاکٹر جگر ٹرانسپلانٹ سے آدھا گھنٹہ قبل چل بسیں
29th Sep 2025
•
تازہ ترین
کھیلوں میں جنگ کو گھسیٹنے سے صرف بھارت کی ’بوکھلاہٹ‘ ظاہر ہوتی ہے، محسن نقوی
29th Sep 2025
•
پاکستان
کمشنر قلات ڈویژن ڈاکٹر طفیل بلوچ سے ڈپٹی کمشنر آواران انجینئر عائشہ زہری کی خضدار میں اہم ملاقات
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ هاسپيٽل بيسڊ بلڊ بئنڪ پاران انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ ۾ سالانه بلڊ ڪئمپ لڳائي وئي
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ درٻيلو واسي پيرسن جو پٽ خلاف احتجاج
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس جي ڪارروائي، 9 جواري گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
مرڪزي ڪميٽي
پارٽي سربراھ اياز لطيف پليجو
ayaz latif palejo
QAT
Sindh
0 تبصرے