English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي جي منگهو پير ٽائون جي رھواسين جو بنيادي سهولتون جي اڻھوند خلاف ڌرڻو
150 views
|
10th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
ڪراچي جي منگهو پير ٽائون جي رھواسين جو بنيادي سهولتون جي اڻھوند خلاف ڌرڻو
گڏاپ (محمد علي خاصخيلي )ڪراچي جي منگهو پير ٽائون جي رھواسين جو بنيادي سهولتون جي اڻھوند خلاف سياسي سماجي اڳواڻن. سول سوسائٽي. دڪاندارن علائقي جي رھواسين پاران درگاهه منگهو پير مين روڊ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري مين روڊ کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيو. سالن کان وٺي مين روڊ جو ڪم سست رويي جو شڪار آھي. مين روڊ جو ڪم شروع نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪنداسين. اڳواڻ تفصيل موجب ڪراچي جي منگھو پير ٽائون جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن. سول سوسائٽي سميت علائقي جي رھواسين جماعت اسلامي جي عبدالمجيد خاصخيلي. مسلم ليگ ن جي محمد ساجد. پي ٽي آءِ جي حاجي عبدالمنان. پيپلز پارٽي جي زنوارهاشمي. جميعت علماءِ اسلام جي امير ڊاڪٽر غلام بادشاه. پرائيويٽ اسڪول منگھو پير ٽائون جي ڊائريڪٽر عبدالله صديقي، پروفيسر عظمت الله شراڻي. پرنسپال نيشن اسڪول جي پرنسپل عبدالستار آفريدي.سماجي اڳواڻ وحيد پٺاڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ منگھو پير درگاهه آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سڄي ڪراچي ۾ ترقياتي منصوبا هلي رهيا آهن پر سنڌ جي وڏي ۾ وڏي آبادي رکندڙ منگهو پير ٽائون جو ڪم سالن کان سست رويي جو شڪار آھي. چونڊيل نمائندن 15 سالن کان منگهو پير ٽائون جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ڪا به دلچسپي ناھي ورتي. هن روڊ تي قائم مين مارڪيٽون بازارون تباهه ٿي ويون آهن. ڪاروبار مڪمل طور تي تباھ ٿي چڪو آهي. دڪاندارن جي گهرن ۾ فاقا ڪشي وارو ماحول اھي. هتان گذرندڙ گاڏين کي حادثا پيش اچي رھيا آھن اڌ ڪلاڪ جو سفر ڪلاڪن ۾ ٿئي ٿو. ايمرجنسي جي صورت ۾ اسپتال تائين نٿا پھچي سگھون ۽ جنھن ڪري ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿي ويون آهن. هن مين روڊ تي سنگ مرمر جا وڏا ڪارخانا آهن. پٿر سان ڀريل گاڏيون ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڦاسي وڃن ٿيون. هن چيو ته منگهو پير ٽائون ۾ منشيات جو ڪاروبار کليل نموني هلي رهيو آهي. بنيادي سهولتون صحت تعليم. بجلي، گيس ۽ روڊ رستن جي کوٽ آھي. ان سڄي صورتحال جا ذميوار ھتان جا چونڊيل نمائندا ملوث اھن. جيڪي اقتدار ۾ اچي مسئلا حل ڪرڻ بدران ڪرپشن ڪرڻ ۾ پورا آھن. منگھو پير ٽائون کي لاوارث حالت ۾ ڇڏيو ويو آھي. ھنن چيو ته مين روڊ جو ڪم جلد شروع نه ڪرايو ويو ته اسين مرحلي وار تحريڪ شروع ڪنداسين. مظاهرين اعلي اختيارين کان فوري طور نوٽيس وٺي منگھو پير جي روڊ سميت بنيادي مسئلا حل ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي جي منگهو پير ٽائون
رھواسين جو بنيادي سهولتون
0 تبصرے