علي بخش عرف پپو شاھ ۽ ياسمين شاھ طرفان ارباب امان الله جي حق ۾ چونڊ نه وڙهڻ جو فيصلو

علي بخش عرف پپو شاھ ۽ ياسمين شاھ طرفان ارباب امان الله جي حق ۾ چونڊ نه وڙهڻ جو فيصلو

علي بخش عرف پپو شاھ ۽ ياسمين شاھ طرفان ارباب امان الله جي حق ۾ چونڊ نه وڙهڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايندڙ چونڊ دوران ٽنڊي باگي جي صوبائي تڪ پي ايس 70 تي پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ لاء درخواست ڏيندڙ اڳوڻي پارليماني جوڙي علي بخش عرف پپو شاھ ۽ ياسمين شاھ طرفان ارباب امان الله جي حق ۾ پارٽي ٽڪيٽ تان ھٿ کڻي چونڊ نه وڙهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ھنن اھڙو فيصلو ارباب لطف الله سان گڏ سيد علي بخش عرف پپو شاھ ۽ بي بي ياسمين شاه پيپلزپارٽي جي ليڊيز ونگ جي صدر فريال ٽالپر سان ڪراچي ۾ ملاقات ڪرڻ بعد ڪيو آهي، اڳوڻي سينيٽر ياسمين شاھ تصديق ڪندي چيو ته اھو فيصلو اسان پارٽي قيادت جي چو ڻ تي ڪيو آھي، ھاڻي ايندڙ چونڊ ۾ حصو نه وٺنداسين ۽ پيلپزپارٽي جي اميدوار ارباب امان الله جي مدد ڪنداسين. پيپلزپارٽي پاران مون کي عورتن جي مخصوص سيٽ ڏيڻ جي يقين دهاني ڪرائي وئي آهي.