English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اياز لطيف پليجي پاران ثقافتي عيد تي سموري دنيا ۾ رھندڙ سنڌين کي مبارڪون
views
|
03rd Dec 2023
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پاران ثقافتي عيد تي سموري دنيا ۾ رھندڙ سنڌين کي مبارڪون
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ثقافتي عيد جون سموري سنڌي قوم ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رھندڙ سنڌين کي مبارڪباد ڏيندي چيو آھي تہ سنڌ عوام پنهنجي ثقافتي ڏينهن تي دنيا جي ٻين قومن سان محبت جو اظهار ڪري ٿي اسان کي ست ھزار سالا تھذيب ۽ ثقافت جو مالڪ ھجڻ تي فخر آھي۔ سنڌي ماڻھو امن پسند، ترقي پسند، روشن خيال، علم دوست، انسان دوست، موسيقي ۽ رقص سان پيار ڪندڙ آھن۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌي قوم ھميشہ پنھنجي ڌرتي جو تحفظ ڪيو آھي. سنڌ عظيم تھذيب، ثقافت ۽ رواداريء جي ڌرتي آھي۔ شاھوڪار تھذيب جي ڌرتي ۽ ان جي وسيلن جي مالڪي اسان سڀني جي ذميواري آھي۔ ڪرپشن، اقرباپروري اسان جي تھذيب، ثقافت ۽ سڃاڻپ کي تباھ ڪيو آھي۔ قدرتي وسيلن سان مالامال ڌرتي جا نوجوان خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن۔ بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جو راڪاس زندگيون ڳڙڪائي رھيو آھن۔ پنھنجي ثقافت ۽ تھذيب جي بقا لاء بيدار ٿيڻ جي ضرورت آھي۔ سنڌ جي خطرن جو مقابلو علم، تعليم، ڄاڻ، ٽيڪنالاجي ۽ سائنس سان ٿيندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڻ کي پنهنجي وطن ۾ اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو خطرو آھي۔ جيڪڏھن بدلجندڙ دنيا سان گڏ پاڻ کي تبديل نہ ڪيوسين، پاڻ علم ۽ ٽيڪنالاجي جو رستو نہ ورتو تہ ھي دنيا ڏاڍي ظالم اٿو۔ تبديلي چاھي پاڻ کي آسمان جي بلندين تي کڻي وڃي تبديلي چاھي تہ زمين تي ڌوڙ ڪري پيرن ۾ چٿي ڇڏي۔ سنڌيو پاڻ کي تبديل ڪيو چئلينجن سان مقابلي لاء، پاڻ کي تبديل ڪيو اڳتي وڌڻ لاء، پاڻ کي تبديل ڪيو طاقت بنجڻ لاء، عورتن ۽ مردن جي برابري کپي، پنهنجي سماج ۾ اڌ ساڍا ٽي ڪروڙ عورتون ھيٺ ھونديون تہ ڪجھ ڪون ٿيندو۔ سنڌ ۾ اقليتون غير محفوظ ھونديون، پنهنجي وطن ۾ ھندو، ڪرسچن، سک ۽ فارسي غير محفوظ ھوندا تہ پاڻ ترقي ڪون ڪري سگھنداسين، پاڻ اھي سنڌي آھيون جيڪي ھوليون، ڏياريو، ڪرسمس ملھائيندا آھيون، پاڻ کي اھو پيغام ڏيڻو آهي سڄي پاڪستان ۽ دنيا کي تہ اسان رواداري ۽ برابري ۾ يقين رکون ٿا. اسين پرامن ۽ باوقار تھذيب جا وارث آھيون. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ سرداري، جاگيرداري ۽ قبائليت جا چنبا کوڙيل نہ ھجن ھا تہ سنڌ ھيئن تباھ ۽ برباد نہ ٿئي ھا۔ جيڪڏھن فيصلا جرڳن بدران عدالتن ۽ اسيمبلين ۾ ٿين ھا ۽ اسيمبليون ۽ عدالتون اھڙيون ھجن ھا، جن تي عوام کي اعتماد ھجي ھا تہ سنڌ جو حشر اڄ ھھڙو تباھ ۽ برباد ٿيل نہ ھجي ھا۔ سنڌ کي تعليم، ميرٽ روزگار، صحت کپي، پاڻي، تيل، گئس، ڪوئلي ۽ پنھنجن وسيلن تي مالڪي جو اختيار گھرجي۔ سمنڊ، ٻيٽ، ڪاڇو، ڪوھستان، ٿر سميت سڄي سنڌ جي مالڪي گھرجي، قبضاگيري نہ کپي، بحريا ٽائون، ذوالفقار آباد ۽ ٻيون سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون قبضاگير اسڪيمون نہ گھرجن۔ مختلف منصوبن جي نالي ۾ ھزارين ايڪڙ زمينن تي قبضا نہ گھرجن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th Jun 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
حج - اسلام جو عظيم فريضو ۽ روحاني توڙي اخلاقي تربيت جو ذريعو
05th Jun 2025
•
سندھ
یوبی جی رہنماوں کا500ارب ڈالر کی افریقی درآمدی مارکیٹ کیلئے اسٹریٹجک مارکیٹنگ پر زور
05th Jun 2025
•
تازہ ترین
پاکستان عالمی ادارہ محنت کی بنیادی اقدار اور محنت کشوں کے حقوق کے تحفظ اور ایک مشترکہ باوقار اور روشن مستقبل کی تعمیر کیلئے تمام شراکت داروں کے ساتھ مل کرکام کرنے کو تیار ہے۔چودھری سالک حسین
05th Jun 2025
•
پاکستان
آئیڈنٹیٹی پاکستان کی پہلی” ہنر مند“ نمائش کا انعقاد قونصل جنرل آف پاکستان ٹورنٹو کینیڈا میں عیدمیلے کے موقع پر کیا گیا
05th Jun 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
حج - اسلام جو عظيم فريضو ۽ روحاني توڙي اخلاقي تربيت جو ذريعو
05th Jun 2025
•
سندھ
یوبی جی رہنماوں کا500ارب ڈالر کی افریقی درآمدی مارکیٹ کیلئے اسٹریٹجک مارکیٹنگ پر زور
05th Jun 2025
•
تازہ ترین
پاکستان عالمی ادارہ محنت کی بنیادی اقدار اور محنت کشوں کے حقوق کے تحفظ اور ایک مشترکہ باوقار اور روشن مستقبل کی تعمیر کیلئے تمام شراکت داروں کے ساتھ مل کرکام کرنے کو تیار ہے۔چودھری سالک حسین
05th Jun 2025
•
پاکستان
آئیڈنٹیٹی پاکستان کی پہلی” ہنر مند“ نمائش کا انعقاد قونصل جنرل آف پاکستان ٹورنٹو کینیڈا میں عیدمیلے کے موقع پر کیا گیا
Advertisement
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي
سنڌ عظيم تھذيب، ثقافت ۽ رواداريء
Advertisement
0 تبصرے