ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ثقافتي ڏھاڙي تي ريليون ڪڍيون ويون

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ثقافتي ڏھاڙي تي ريليون ڪڍيون ويون

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ثقافتي ڏھاڙي تي ريليون ڪڍيون ويون

گڏاپ (رپورٽر)سنڌي ميڊيا جي سڏ تي سنڌي ثقافتي ڏھاڙي تي ڪراچي ۾ قومي لباس پھريل عوام جو سمنڊ اٿلي پيو. ڪراچي ثقافتي رنگن سان رنگجي وئي. ھر طرف قومي گيتن تي رقص ڪري ڌرتي سان محبت جو وچن ورجايو ويو. ايوب ڳوٺ مان سنڌي اتحاد ڪراچي ڊويزن جي چيئرمين شاھد عباسي جي اڳواڻي ۾ نوجوانن عمران جويو. خالد عباسي. امام بخش مگسي. فوجي نياز خاصخيلي. عرفان ديشي. علي چانڊيو. خالد سومرو. محمد علي خاصخيلي. ساحل عباسي. خالد عباسي پاران ايوب ڳوٺ کان ڪراچي پريس ڪلب تائين پرجوش ، شاندار ۽ پروقار ايڪتا ريلي به ڪڍي وئي. ريلي ۾ شامل نوجوانن سنڌ مان غير قانوني پرڏيھين کي نيڪالي ڏيڻ جي گھر ڪئي ۽ سنڌي ثقافت. سنڌي تھذيب زندھ آباد، سنڌي ٻولي قومي ٻولي جا زودار نعري ھڻي سنڌ امڙ سان وفا جو وچن ورجايو ويو. ان موقعي تي شاھد عباسي. عرفان ديشي. عمران جويو چيو ته ڪارونجهر سنڌ جي سونهن آهي جنهن جي ڪٽائي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. سنڌ تي ڌاريا بار بڻجي چڪا آهن جن جي نيڪالي چاهيون ٿا. سنڌ جي تعليمي ادارن توڙي ٻين ادارن ۾ ميرٽ جا جنازا نڪرن پيا, ادارن ۾ ميرٽ جي بحالي چاهيون ٿا