English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي ثقافتي ڏھاڙي تي قديم ماڳ موھن جو دڙو تي ماڻھن جي آمد
views
|
03rd Dec 2023
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي ثقافتي ڏھاڙي تي قديم ماڳ موھن جو دڙو تي ماڻھن جي آمد
موهن جو دڙو(معشوق مشوري)سڄي سنڌ جيان ثقافتي ڏهاڙي تي سنڌ جي عظيم ماڳ موهن جو دڙو تي سنڌ جا هزارين عاشق پهچي عظيم تهذيب کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ قومي گيتن تي رقص ڪري جهمريون هنيون،هرطرف اجرڪ جي ڦلڙين ۽ ٽوپين جي ڪاون جا تجلا نظر آيا جڏھن ته سڄي سنڌ جيان ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي موهن جو دڙو ۾ به عوام ڀرپور موٽ ڏني ۽ ثقافتي ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو ۽ هر طرف ثقافت جا رنگ نظر آيا، 100 کان وڌيڪ ريليون ڪڍيون ويون ۽ قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون،جڏھن ته سنڌ جي مختلف شهرن لاڙڪاڻي، دادو، خيرپور، ڪراچي ڪشمور ۽ ٻين شهرن مان سنڌ جا هزارين عاشق وڏي تعداد ۾ موهن جي دڙي تي پهتا،جڏھن ته آيل ماڻهن ۾ عورتون مرد ۽ ٻارڙا شامل هيا جڏھن ته ريلي ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن جي ڪلهن تي اجرڪ اوڍيل ۽ ٽوپيون پاتل هيون ريلي ۾ ٻارڙن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جن کي ثقافتي ويس وڳا پهريل هئا،قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو،جيئي سنڌ جيئي سنڌ وارا، جيئن سنڌي ٽوپي اجرڪ وارا، جيئن سهڻا دنيا ۾ ٻيا به هزار سنڌي ماڻهو پڌرا لکن ۾ جا گيت گونجندا رهيا ان موقعي تي آيل ماڻھن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌي ميڊيا جس لهڻي جنهن سڄي قوم کي ثقافت جي رنگ ۾ رنگي ڇڏيو آهي.هنن وڌيڪ چيو ته اسان خوش نصيب آهيون جو هزارين سالن جي تهذيب ۽ ثقافت جا وارث آهيون جنهن جو مثال موهن جو دڙو آهي هنن چيو ته اسان کي پنهنجي ثقافت تي ناز آهي هتي اچي ڪري تمام گهڻو مزو آيو آهي اسان پنهنجي تهذيبي ۽ ثقافتي اهڃاڻ موهن جو دڙو کي سلامي پيش ڪرڻ لاءِ هتي آيا آهيون هوڏانهن موهن جو دڙو تي مقرر انجنئر علي حيدر گاڏھي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آھي ته اسان ثقافت جي ڏينهن امڪاني لتاڙ کان بچاء لاء آثار بند ڪيا آھن هن چيو ته ثقافت ڏھاڙو اسان جوش ۽ جزبي سان ملهائي رهيا آھيون هن چيو ته ثقافت واري ڏينهن اسان عيد وانگر هي ڏينهن ڪري ملهائيندا آھيون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Nov 2025
•
پاکستان
ایف ایف سی کو "کمپنی آف دی ایئر ایوارڈ" سے نوازا گیا
12th Nov 2025
•
تازہ ترین
قومی اسمبلی میں 27ویں آئینی ترمیم پیش — حکومت کی پوزیشن مضبوط، اپوزیشن کا واک آؤٹ
12th Nov 2025
•
تازہ ترین
نواز شریف کی قومی اسمبلی آمد — ایوان میں لیگی ارکان کا پرتپاک استقبال، بلاول بھٹو نے بھی مصافحہ کیا
12th Nov 2025
•
تازہ ترین
قومی اسمبلی میں ہنگامہ — محمود خان اچکزئی نے 27ویں آئینی ترمیم کے بل کی کاپی پھاڑ دی
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ھيٺ اينٽي ھيومين ٽريفڪنگ جو اجلاس
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
سامارو شھر ۾ اي سي سنجي ڪمار ترڪيو پاران کلي ڪچري منعقد
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ورلڊ بينڪ جي ٽيم پاران ڳاڙهو، ڪيٽي بندر ۽ گهوڙا ٻاري جا دورا
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ جو ايس ايس پي پئسي جو شوقين آھي، کيس جلد گهر ڀيڙو ڪرايو ويندو: نواب تيمور ٽالپر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
موهن جو دڙو
سنڌ جيان ثقافتي ڏهاڙي
sindhi cultural day
0 تبصرے