مڪلي ۽ ڀرپاسي بدامني تي ضابطو نھ آيو، ڦورو ڦر بعد شھري کي گولي ھڻي فرار

مڪلي ۽ ڀرپاسي بدامني تي ضابطو نھ آيو، ڦورو ڦر بعد شھري کي گولي ھڻي فرار

مڪلي ۽ ڀرپاسي بدامني تي ضابطو نھ آيو، ڦورو ڦر بعد شھري کي گولي ھڻي فرار

ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) مڪلي ۾ امن امان جي صورتحال خراب، شھري غير محفوظ، حد جي پوليس خاموش تماشائي بڻيل، تفصيل موجب مڪلي باء پاس شيخ عالي چاڙھي وٽ ٽن نامعلوم ھٿياربند ڦورن ھٿيارن جي زور تي شڪيل سومرو کان ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ مزاحمت تي کيس ڦورو زخمي ڪري فرار ٿي ويا، زخمي شڪيل سومرو کي سول اسپتال مڪلي آندو ويو، جتان نازڪ حالت ۾ کيس ڪراچي جي اسپتال ڏانھن منتقل ڪيو ويو، بئي طرف زخمي شڪيل سومرو جو چوڻ ھو ته ھو پنھنجي ڀائٽي سان گڏ مڪلي اچي رھيو تہ وٽس 58 ھزار روپيہ روڪ رقم موجود ھئي، جڏھن اسان مڪلي باء پاس شيخ عالي چاڙھي وٽ پھتاسين تہ ٽن نامعلوم ھٿياربند ڦورن اسانکي روڪي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بنائي مون کان پئسا ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ مون مزاحمت ڪئي تہ ڦورو مونکي زخمي ڪري فرار ٿي ويا، اھڙي رپورٽ پڻ مڪلي ٿاڻي تي درج ڪرائي اھي، پر پوليس ڪابہ ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار ناھي، ھن ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو تہ ساڻس انصاف ڪري کيس زخمي ڪندڙ ڦورن کي گرفتار ڪري سندس بھتر علاج ڪرائي سندس حياتي بچائي وڃي.